Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

۽ نماز جو پاڻ ۾ تمام گهرو تَعلق آهي.

 پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪي شريف کان هليا، بيتُ المقدس، پوءِ ست ئي آسمان، پوءِ سدرةُ المُنتهٰي، پوءِ لامڪان، پوءِ اتان کان واپسي مڪي شريف تشريف وٺي آيا، ان سموري سفر ۾ جڳھ جڳھ تي نماز نظر اچي ٿي. پوري سفرِ معراج ۾ تقريباً 12 مقام آهن جتي معراج جي گهوٽ، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز ادا فرمائي.

(1): پهريون نماز جو مقام: مدينو پاڪ

   صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: جڏهن نورِ خُدا، سَروَرِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي سفر جي لاءِ روانا ٿيا ته رستي ۾ هڪ مقام تي پهچي ڪري حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام جن عرض ڪيو: (يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) هتي لهي ڪري نماز ادا فرمايو! پاڻ سڳورن نماز ادا فرمائي. حضرت جبريل عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خبر آهي ته اوهان ڪهڙي هنڌ نماز ادا فرمائي؟ (پوءِ پاڻ ئي عرض ڪيائون) اوهان طوبه (يعني مديني پاڪ) ۾ نماز پڙهي آهي، انهيءَ ڏانهن هجرت ٿيندي.

(2): ٻيو نماز جو مقام: طور سِينا

   پوءِ هڪ ٻئي مقام تي حضرت جبريل عَلَيهِ السَّلَام کين نماز پڙهڻ جي لاءِ عرض ڪيو: پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز ادا فرمائي. حضرتِ جبريل عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: هي اوهان طور سينا تي نماز ادا فرمائي آهي جتي الله پاڪ حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام کي هم ڪلامي جو شرف بخشيو  هو.

(3): ٽيون نماز جو مقام: بَيتِ لَحۡم

   پوءِ هڪ ٻئي جڳھ حضرت جبريل عَلَيهِ السَّلَام لهي ڪري حضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي