Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

جو خزانو نصيب ٿيندو * روزانو گهٽ ۾ گهٽ 2 درس ڏيڻ جي نيّت سان فيضانِ نماز ڪتاب مان مسجد درس ۽ 7 منٽ چوڪ درس ڏيو! ان سان ماڻهن جي دلين ۾ پنج وقت نماز جي اهميت ۽ محبت وڌندي ۽ نماز پڙهڻ جو جذبو به پيدا ٿيندو * اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو بهترين ڪتاب: نماز جا احڪام. ان ڪتاب ۾ وضو جو طريقو، غسل جو طريقو، نماز جو طريقو، مُسافر جي نماز، قضا نمازن جو طريقو ۽ نمازِ جنازه جو طريقو لکيل آهي هي تمام معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ نماز جا احڪام خريد ڪري مطالعو ڪيو.

ٻين کي نماز جي دعوت ڏيو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي پاڻ ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! نماز پڙهڻي ئي پڙهڻي آهي، ان سان گڏوگڏ گهر وارن کي، دوست احباب کي، پاڙي وارن، علائقي وارن، آفيس ۾، دڪان تي گڏ ڪم ڪرڻ وارن کي به نماز جي دعوت ڏئي ڪري نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: حضرت ابوسعيد خُدۡري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته حضورِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ، سيّاحِ افلاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو ته توهان مان ڪو جڏهن ڪنهن بُرائي کي ڏسي ته ان کي گهرجي ته بُرائي کي پنهنجي هٿ سان روڪي ۽ جيڪو پنهنجي هٿ سان روڪڻ جي طاقت نٿو رکي ته ان کي گهرجي ته پنهنجي زبان سان روڪي ۽ جيڪو پنهنجي زبان سان روڪڻ جي طاقت نٿو رکي ته ان کي گهرجي ته پنهنجي دل ۾ بُرو ڄاڻي ۽ هي ڪمزور ترين ايمان جي علامت آهي.[1]

عطيات جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي


 

 



[1] سنن نسائی ،کتاب الاِیمان ،باب :تفاضل اہل الایمان ، صفحہ:802،حدیث :5018بتغیر قلیل ۔