Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! معلوم ٿيو: باقي تمام نبي مُخۡبِر (يعني وحيءَ جي ذريعي ٻڌي ڪري ٻڌائڻ وارا) هئا، اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اکين سان ڏسي ڪري گواهي ڏيڻ وارا آهن. مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: ڏسڻ واري گواھ کان بعد ڪنهن گواھ جي ضرورت ناهي رهندي، ان ڪري هاڻي ڪو نبي نه ٿو بڻجي سگهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

اَلۡیَوۡمَ اَکۡمَلۡتُ لَکُمۡ دِیۡنَکُمۡ  (سيپارو: 6، سورة مائده: آيت: 3)

ترجمو ڪنزالعرفان: اڄ مون توهان جي لاءِ توهان جو دين مڪمل ڪري ڇڏيو.

   دين مُڪمل ٿي ويو ڇوته عَينِي (يعني اکين سان ڏسڻ وارو) گواھ تشريف وٺي اچي چڪو آهي.[1]

نہ رکھی گل کے جوشِ حُسن نے گلشن میں جَا باقی   چٹکتا پھر کہاں غُنْچَہ کوئی باغِ رسالت کا[2]

وضاحت: اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نبوت جي باغ جا نهايت حَسين گُلَ آهن، جڏهن هي مبارڪ گُلُ ٽِڙي ويو، ان جي مقدس حُسن نبوت جي باغ ۾ اهڙي خوبصورتي آندي جو هاڻي ڪنهن ٻئي گُلَ جي لاءِ ان باغ ۾ جڳھ ئي نه بچي، جڏهن نبوت جي باغ ۾ هاڻي وڌيڪ ڪنهن گُلَ جي حاجت ئي نه رهي، جڳھ ئي نه بچي ته ڀلا ڪو ٻيو گُلُ ان باغ ۾ ڪيئن ٿو ڦُٽي سگهي.

معراج جو سفر ۽ پياري نماز

   پيارا اسلامي ڀائرو! معراج شريف عظيمُ الشّان مُعجزو آهي ۽ نماز افضل ترين عبادت آهي. جيڪڏهن اسان غور ڪيون ته معلوم ٿيندو ته معراج شريف


 

 



[1] نور العرفان، پارہ :15،سورۂ بنی اسرائیل ،زیرآیت :1،صفحہ:339بتغییر قلیل۔

[2] حدائق بخشش ،صفحہ:37 ۔