Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

(4): پوءِ هي به غور فرمايو ته معراج جي رات پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 10 ڀيرا الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا، هڪ ته پهرين حاضري ٿي، پوءِ حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي درخواست تي 9 ڀيرا حاضري جي سعادت ماڻي. سُبْحٰنَ اللہ !

قصرِ دنیٰ تک کس کی رسائی                       جاتے یہ ہیں، آتے یہ ہیں

 (5): پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام باربار بارگاھِ رسالت ۾ نمازون گهٽ ڪرائڻ جو عرض ڪندا رهيا، ان ۾ هڪ نهايت پيارو ۽ عشق ڀَريو نڪتو عالمن لکيو آهي، فرمائن ٿا: حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام ڪوھِ طور تي الله پاڪ جي ديدار جي تمنا ڪئي هئي پر تمنا پوري نه ٿي، اڄ جڏهن رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هي سَعادت نصيب ٿي ته حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام چاهين پيا ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ باربار الله پاڪ کي ڏسي ڪري ايندا رهن ۽ مان باربار سندن ديدار ڪندو رهان، حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي لاءِ رُخِ مُصطفٰي جَمالِ ڪبريا جو ڄڻ آئينو هو، سندن ڪوھِ طور واري تمنا اڄ پوري ٿي رهي هئي.[1]

جنہاں اکھیاں دِلْبَر ڈِٹھا   اَوہ اَکھیاں اج تک لَیَّاں

يعني: جن اکين محبوب جو ديدار ڪيو آهي، مون انهن اکين کي ڏسي ورتو، هي به وڏي سعادت آهي.

نماز مومن جي معراج آهي

   اي عاشقانِ رسول! نماز ڪيتري ته عظيم عبادت آهي جو پيارا نبي، رسولِ هاشمي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي رات جڏهن پنهنجي ربّ سان


 

 



[1] مرآۃ المناجیح ،جلد:8،صفحہ:146۔