Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

وضاحت: سمتِ مقابل: يعني سامهون. هي اسان جهڙا عام ماڻهو آهن، اسان کي صرف اها ئي شيءِ نظر ايندي آهي جيڪا اسان جي اکين جي اڳيان هجي پر نگاھِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هي ڪمال آهي جو پاڻ مٿي، هيٺ، ساڄي، کاٻي، اڳيان، پٺيان هر پاسي ڏسندا آهن، 6 جا 6 طرف (يعني ساڄو، کاٻو، مٿي، هيٺ، اڳيان، پٺيان) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ ايئن آهن جيئن عام اک جي لاءِ سامهون وارو طرف هوندو آهي ۽ هي ائين ناهي ته ڪنهن هڪ وقت ٿيندو آهي بلڪه ڏينهن رات، هر وقت هر گهڙي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نگاھِ مبارڪ جو اهو ئي ڪمال آهي. ان جو دليل ڏسڻو هجي ته سيپارو: 27، سورة وَالنَّجۡم پڙهو، الله پاڪ ان سورت ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏسڻ جي قُوت جو ڪمال بيان فرمايو آهي.

قبرُن تي وڃڻ سنّتِ مصطفٰي آهي

  پوءِ انهيءَ روايت مان هي به معلوم ٿيو ته نبين، ولين جي مَزارُن تي وڃڻ سنّتِ مصطفٰي آهي. ڏسو! معراج واري رات سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي مزارَ مبارڪ تي تشريف وٺي ويا ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هي به معمول هو ته هر هفتي اُحد شريف ۾ شهداءِ اُحد جي مزارُن تي تشريف وٺي ويندا هئا.

    اَلحَمْدُللہِ! اڄ به عاشقانِ رسول ان مصطفٰي جي ادا کي ادا ڪندا ۽ انبياءِ ڪرام، صحابهءِ ڪرام ۽ اولياءِ ڪرام جي  مزارن تي حاضري ڏيندا آهن. ها! ايترو فرق ضرور آهي ته رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فيض لُٽائڻ جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا ۽ اسان گنھگار نيڪ ماڻهن کان فيض وٺڻ جي لاءِ مزارن تي حاضر ٿيندا آهيون.