Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

آقا ڪريم مُشڪل جو  حل ٻڌائي ڇڏيو

   حضرت ابوعلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا، هڪ ڀيري سندن تي ڪا وڏي مُشڪل اچي وئي، انهيءَ فڪر ۽ غم ۾ پريشان رهڻ لڳا، هڪ رات سُتا ته قِسمت جاڳي پئي، امّت جا غمخوار، مڪي مدني سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُشڪل

حل فرمائڻ جي لاءِ خواب ۾ تشريف وٺي آيا. پياري آقا، سَروَرِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کيس فرمايو: اي ابو علي! تون يحيٰي بن يحيٰي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار تي وڃ! اتي وڃي اِسۡتغفار ڪر ۽ پنهنجي حاجت پيش ڪر! تنهنجي حاجت پوري ٿي ويندي. حضرت ابو علي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن صبح ٿيو ته پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمان مُطابق يحيٰي بن يحيٰي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار تي حاضر ٿيس ۽ اِستغفار ڪري پنهنجي حاجت پيش ڪئي. الله پاڪ جي ڪرم سان منهنجي حاجت پوري ٿي ۽ منهنجون پريشانيون ختم ٿي ويون،

برڪت واري جاءِ تي نماز پڙهڻ صحابهءِ ڪرام
جو  طريقو  رهيو آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جي سفر ۾ رسولِ خُدا، احمدِ مُجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن مختلف مقامن تي نماز ادا فرمائي، انهن مان ٽن (3) مقامَن جو اسان ذڪر ٻڌو: (1): مدينو شريف، (2): طور سينا (3): بَيۡتِ لَحۡم. اهي ٽئي مقام ڪهڙا آهن؟ مدينو شريف: اهو مبارڪ شهر جتي ٻنهي جهانن جا آقا، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هجرت ڪري تشريف وٺي ويا، جن گهٽين ۾ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ قدم لڳا، جتي اڄ به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو روضو مبارڪ چمڪي رهيو آهي، اهڙيءَ طرح طور سينا: اهو مقام جتي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام تي وحي نازل ٿي، جتي الله پاڪ حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي لاءِ پنهنجي تجلي نازل فرمائي ۽ ٽيون مقام: بَيتُ الَّحۡم: هي اهو مقام آهي جتي الله پاڪ جي نبي، حضرت عيسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي ولادت ٿي. يعني هي ٽئي بابرڪت مقامَ آهن، معراج