Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون    

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اڄوڪي عظيمُ الشَّان رات

   اي عاشقانِ رسول! اڄ تمام عظيمُ الشّان رات آهي ڇوته اڄ کان ڪيئي سال پهريان هن رات * زمين ۽ آسمان کي سجايو پئي ويو * تارا زمين جي طرف جهڪي رهيا هئا * هر طرف ڌوم ڌام هئي * جنّت سجائي پئي وئي * فضائون خوشبون وکيري رهيون هيون * هر طرف خوشيون ئي خوشيون هيون * مُکڙيون ٽِڙي رهيون هيون * گلَ مهڪي رهيا هئا * هر طرف بهار ئي بهار هئي * هر طرف نور ۽ تجلّين جي بارش وسي رهي هئي.

   ۽ مزي جي ڳالھ ته اُها آهي هي سمورو انتظام جنهن جي لاءِ ٿي رهيو هو اهو ٻنهي جهانن جو گهوٽ، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي سئوٽ حضرت امِّ


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔