Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

قبرِ انور مان آواز ايندو آهي ۽ هي آواز جو اچڻ ثابت ڪري ٿو ته اسان جا حُضور قبرِ انور ۾ زندھ آهن، اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

اَنبیا کو بھی اَجل آنی ہے                               مگر ایسی کہ فَقَط آنی ہے

پھر اُسی آن کے بعد اُن کی حَیات    مِثلِ سابق وہی جسمانی ہے

وضاحت: آن جي معنٰي آهي: گَهڙي، اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي رهيا آهن: انبياءِ ڪرام عَلَيهِ السَّلَام کي به موت اچڻو آهي پر اهو به فقط (يعني گهڙي کَن جي لاءِ) آهي. گهڙي کَن جي لاءِ موت حاضري ڏيندو آهي، پوءِ انهن کي ٻيهر حِسي دنياوي، جسماني حيات عطا فرمائي ويندي آهي.

اولياء الله به قبرن ۾ نماز پڙهندا آهن

   اي عاشقانِ رسول! اي عاشقانِ اولياء! ڳالھ هلي آهي ته هي به عرض ڪيان ته انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام جو رتبو ته تمام بُلند آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! انبياءِ ڪرام عَلَيهِ السَّلَام جو ڪلمو پڙهڻ وارا، سندن طريقي تي هلڻ وارا، انهن کان هدايت جي روشني وٺڻ ۽ انهن جي تعليمات تي هلڻ وارا اولياءِ ڪرام به الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان پنهنجي پنهنجي مَزارُن ۾ زندھ آهن ۽ جنهن کي الله پاڪ توفيق بخشي، اهي مَزارُن ۾ نمازون به ادا ڪندا آهن، جيئن ته حضرت شَيۡبان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا والد ماجد فرمائن ٿا: ان ذات جو قَسم جنهن کانسواءِ ڪو معبود ناهي! حضرت ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي مون ۽ حضرت حُمَيد لحد ۾ لاٿو، جڏهن اسان سِرون درست ڪري چڪاسين ته اتفاق سان هڪ سِرَ اندر ڪِري پئي، مان اها سِرَ کڻڻ جي لاءِ اندر جهڪيس ته منهنجي نظر پاڻ تي پئي ڏٺم ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي قبر ۾ نماز ادا ڪري رهيا آهن، مون کين نماز پڙهندي ڏسي ڪري پنهنجي ساٿيءَ کان پڇيو: ڇا اوهان ڏٺو؟ ته ان چيو: خاموش ٿي! تدفين کان بعد مان ۽ منهنجو ساٿي ان جي ڌيءَ وٽ آياسين ۽ پڇيو: اوهان جا والدِ محترم