Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

ڪيئي مدني گُلَ سکڻ جي لاءِ ملن ٿا:[1]

حديثِ پاڪ مان ملڻ وارا مدني گُلَ

 (1): سڀ کان پهريان هي غور فرمايو! حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام شبِ معراج کان ڪيئي صديون پهريان وفات ڪري چڪا هئا، پوءِ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام معراج واري رات امّتِ مُصطفٰي جي خيرخواهي فرمائي ڪيئن فرمائي؟ هن مان معلوم ٿيو: الله پاڪ جا نبي، ولي زندھ آهن وفات کان بعد به مدد ڪري سگهن ٿا. (2): پوءِ هي غور فرمايو! الله پاڪ کي ته معلوم هو ته آخر ۾ 5 نمازون ئي رهڻيون آهن، پوءِ ربَّ ڪريم 50 ئي ڇو فرض فرمايون، هن ۾ به حڪمت آهي، الله پاڪ پهريان 50 فرض فرمايون، پوءِ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي وسيلي سان 5 ڪري ڇڏيون، ان مان معلوم ٿيو: الله وارن جو واسطو، وسيلو وڏي نعمت آهي جو انهن جي صدقي آسانيون عطا ڪيون وينديون آهن. (3): هي به غور ڪرڻ جي ڳالھ آهي ته حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام پاڻ ڪليمُ الله آهن، پاڻ الله پاڪ سان ڪلام جو شوق به رکندا هئا، جڏهن حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام امّتِ مصطفٰي سان همدردي ڪرڻ چاهي ٿي ته هُو پاڻ ئي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪري ڇڏين ها ته مولا! 50 نمازون هن امّت کان نه پڙهيون وينديون، گهٽ فرمائي ڇڏ. پر حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام خود ئي عرض نه ڪيو بلڪه پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي واسطي سان گهٽ ڪرايون، معلوم ٿيو: امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هي شان آهي جو ڪليمُ الله عَلَيهِ السَّلَام کي به بارگاھِ الهي ۾ ڪجھ عرض ڪرڻو هجي ته سندن ذريعي ڪندا آهن.

انبیاء و اولیاء، اولین و آخرین                     کون ہے جس کو نہیں حاجت رسول اللہ کی


 

 



[1] بخاری ،کتاب  مناقب الانصار ،باب المعراج ،صفحہ:977،حدیث:3887خلاصۃً