Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

هزارين مُشڪلات کي منهن ڏسڻو پوندو آهي پر هي ڪهڙو ڪرم آهي، تمام جهانن جي ربّ ڪريم، خُداءِ رحمٰن ۽ رحيم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻو هجي، ڪا روڪ ٽوڪ ناهي، اٿو، وضو ڪيو، پنهنجي ربّ جي حضور ۾ حاضر ٿي وڃو. هي ڪهڙي عظيم نعمت آهي جيڪا اسان کي معراج جي صدقي ۾ نصيب ٿي، ڪيتري عظيم نوازش آهي جيڪا حضور پُر نور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان گنھگارن تي ٿي. سُبْحٰنَ اللہ !

بِلال! اسان کي راحت پهچايو...!

حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج ڪرايو ويو ۽ مقامِ قرب کان سرفراز ڪيو ويو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: ياالله پاڪ! هاڻي مون کي مصيبتن جي گھر(يعني دُنيا ۾) واپس نه موڪلجان. الله پاڪ فرمايو: اي محبوب! اسان جو حڪم اهو ئي آهي، اوهان دُنيا ۾ واپس وڃو ته جيئن اوهان جي ذريعي شريعت قائِم ٿئي ۽ جيڪو ڪجھ اسان هتي عطا فرمايو آهي، دُنيا ۾ به عنايت فرمائينداسين. جيئن ته جڏهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا ۾ آيا ته جڏهن به سندن دِل بلند مقام جي مشتاق ٿيندي هئي ته فرمائيندا هئا: اَرِحْنَا يَا بِلَالُ بِالصَّلَاۃِ اي بلال! نماز جي اذان ڏئي اسان کي راحت پهچايو...!

داتا حُضُور وڌيڪ فرمائن ٿا: اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هر نماز معراج هوندي هئي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي مهربانين کي نماز ۾ ڏسندا هئا، سندن مبارڪ روح نماز ۾ هوندو هو، دِل مبارڪ عاجزي ۾ هوندي هئي ۽ باطِن راز ۾ هوندو هو۔ ايستائين جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اکين