Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

نماز پڙهڻ جي لاءِ عرض ڪيو: پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز ادا فرمائي. ان کان بعد حضرتِ جبريل عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: هي اوهان بَيتِ لَحۡم ۾ نماز پڙهي آهي جتي حضرت عيسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي ولادت ٿي هئي.[1]

ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز                  ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز

قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز                ہے مریضوں کو پیغامِ صِحَّت نَماز

نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ      رب سے دلوائے گی تم کو جنَّت نَماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ    قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز

بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے                    آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام نماز ادا ڪري رهيا هئا

   پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جي سفر جي مُتعلق حديثن ۾ نماز جي باري ۾ هڪ نهايت ايمان افروز روايت آهي، جيئن ته مُسلم شريف جي حديثِ پاڪ آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: معراج جي رات منهنجو گذر حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي قبر مبارڪ وٽان ٿيو جيڪا واريءَ جي ڳاڙهي دَڙي وٽ واقع آهي، ان وقت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي قبر ۾ بيهي نماز پڙهي رهيا هئا.

انبياءِ ڪرام حيات آهن

سُبْحٰنَ اللہ! سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي الله پاڪ جي نبي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جو...!! هن ايمان افروز روايت مان معلوم ٿيو: الله پاڪ جي فضل ۽ ان جي


 

 



[1] نسائی، کتاب الصلاۃ،صفحہ:81، حدیث:448۔