Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

جي گهوٽ، مڪي مدني مصطفٰي معراج  واري رات انهن ٽنهي مقامَن تي نماز ادا فرمائي، ان مان خبر پئي ته: برڪت واري هنڌن تي وڃڻ، اتي عبادت ڪرڻ 100 فيصد درست به آهي ۽ اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! برڪت جو ذريعو به آهي.

صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو هڪ مبارڪ معمول

   اَلحَمْدُللہِ! برڪت واري جڳهن تي وڃڻ، اتي عبادت ڪرڻ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي معمولات مان آهي، اهي مبارڪ مقامَ جتي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ قدم لڳا هئا، صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم انهن مقامن کي ڳولهيندا ۽ اتي عبادت ڪندا هئا. جيئن ته (1): حضرت عتبان بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي انصاري ۽ بدري صحابي آهن، سندن اکين جي روشن هلي وئي هئي، جيئن ته پاڻ پياري آقا، معراج واري گهوٽ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي درخواست ڪئي ته يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان منهنجي گهر تشريف وٺي اچو ۽ اتي نماز ادا فرمائي ڪري شرف بخشيو! ته جيئن مان ان جڳھ کي پنهنجي لاءِ جاءِ نماز بڻائي وٺان. پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي درخواست قبول فرمائي.[1] (2): صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما جڏهن ڪعبي ۾ داخل ٿيندا هئا ته ڪعبي شريف ۾ ان جڳھ تي نماز ادا فرمائيندا هئا جتي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز ادا ڪئي هئي.[2]

   الله پاڪ اسان کي به صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي ان مبارڪ دستور کي اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] بخاری ، کتاب الصلاۃ،صفحہ : 178-177،حدیث: 425ملتقطاً۔

[2] بخاری ، کتاب الصلاۃ ،صفحہ: 195،حدیث: 506ملتقطاً۔