Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

سڀني کي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اقتداء ۾ اهو به ملائڪن جي قبلي بيتُ المعمور ۾ نماز ادا ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي، اعلٰي حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جماعت جو منظر بيان ڪندي فرمائن ٿا: ڪجھ ماڻهو پهرين صف ۾ هئا ڪجھ ٻئين، ڪجھ ٽئين ۽ ڪجھ انهن صفن ۾ هئا جيڪي بيتُ المعمور کان ٻاهر هيون، هر هڪ پنهنجي مرتبي جي اعتبار سان هو، مقتدين ۾ ڪجھ جا ڪپڙا اڇا هئا ۽ ڪجھ جا ميرا. اڇي ڪپڙن وارا نيڪ ماڻهو آهن ۽ ميرن ڪپڙن اسان جهڙا گنھگار.[1]

بَفَورِ صدا سماں یہ بندھا یہ سدرہ اُٹھا وہ عرش جُھکا

صُفوفِ سَما نے سجدہ کیا ہوئی جو اَذاں تمہارے لئے

اِصالتِ کُل امامتِ کُل سِیادَتِ کُل اِمارتِ کُل

حکومتِ کُل وِلایتِ کُل خدا کے یہاں تمہارے لئے

وضاحت: معراج واري رات جيئن ئي هي خبر مقامِ سِدره تائين پهتي ته خوشي مان مقامِ سدره بُلند ٿي ويو ۽ عرش استقبال ۾ جهڪي ويو ملائڪن خوشي مان شڪر جو سجدو ادا ڪيو ۽  اَشْهَدُ اَنَّ مُحَمَّدًارَّسُوْلُ اللہ  جون صدائون بُلند ٿيڻ لڳيون. يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان ڪائنات جي تخليق جو سبب آهيو، سڀني جي امامت ۽ پيشوائي، سڀني جي سرداري ۽ سڀني جي حڪمراني ۽ بادشاهي الله پاڪ وٽ اوهان جي لاءِ ئي آهي.

    نماز معراج جو  تحفو آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جا گهوٽ، امامُ الانبياء، محمدِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي رات پنهنجي رَبِّ ڪريم جي پاڪ بارگاھ ۾ حاضِر ٿيا، مٿي جي


 

 



[1] ملفوظات اعلیٰ حضرت، صفحہ:487۔