Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

(4): ڇوٿون نماز جو مقام: مسجدِ اقصٰي

   اي عاشقانِ رسول! معراج جي سفر ۾ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تقريباً 12 هنڌن تي نماز ادا فرمائي، انهن مان چو ٿون مقام مسجدِ اقصٰي آهي. مسجدِ اقصٰي هن وقت فلسطين جي حدود ۾آهي، هي تمام بابرڪت مسجد آهي، ان کي قِبۡلهءِ اَوّل به چوندا آهن، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مديني جي هجرت کان بعد تقريباً 17 مهينن تائين مسجدِ اقصٰي جي طرف منهن ڪري نمازون ادا فرمايون.

   معراج جي سفر جي مُتعلق روايتن ۾ آهي: جڏهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيتُ المقدس تشريف وٺي آيا ته سندن بُلند شان ۽ اظهار ۽ استقبال جي لاءِ تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام پهريان کان ئي اتي جمع هئا، سڀني پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسي ڪري ڀليڪار چيو، پوءِ نماز جو وقت ٿيو ته حضرت جبريل عَلَيهِ السَّلَام هٿ مبارڪ پڪڙي ڪري اڳتي وڌائي ڇڏيو ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام جي امامت فرمائي.[1]

  اوهان جي معلومات جي لاءِ عرض ڪيان: عَلَّامه مَحۡمُود آلوسي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام کي ٻه رڪعت نماز پڙھائي ۽ ان جي پهرين رڪعت ۾سورت ڪافِرون جي تِلاوت فرمائي ۽ ٻي رڪعت ۾ سورت اِخلاص جي تِلاوت فرمائي. انبياء جون 7 صفون هيون، انهن مان 3 صفون رسولن جون هيون.[2]

 سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته خوب نماز هوندي ۽ ڪيترو ته حَسين منظر هوندو جو تمام انبياء ۽ رُسل عَلَيهِمُ السَّلَام مُقتدي آهن.

مقتدی ہیں سارے اَنبیاء           مصطفٰے اِمام ہوگئے


 

 



[1] معجم اوسط،جلد:3،صفحہ :65 ،حدیث:3879۔

[2] تفسیر روح المعانی، پارہ :15،سورۂ اسراء،زیرآیت :1،جزء:15،جلد:8،صفحہ:17۔