Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! قرآني آيت ۽ حديثن مان معلوم ٿيو: انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام تي صرف گهڙي کَن جي لاءِ موت ايندو آهي، پوءِ کين اها ئي دنياوي، حِسّي زندگي عطا ڪئي ويندي آهي.

تُو زِندہ ہے وَاللہ تُو زِندہ ہے وَاللہ                    مِرے چَشْمِ عالَم سے چُھپ جانے والے[1]

اذان ۽ اقامت سان گڏ نماز پڙهندا آهن

  حضرت علّامه عبدُالوهاب شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مزارِ پُر انوار ۾ زندھ آهن ۽ اذان ۽ اقامت سان نماز ادا فرمائيندا آهن، ائين ئي ٻيا انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام به نماز ادا فرمائيندا آهن.[2]

 63 سن هجري ۾ جڏهن ظالِم يزيدين مديني پاڪ تي حملو ڪيو، 700 صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ۽ وڌيڪ عام ماڻهو ملائي ڪري ڏھ هزارن کان مٿي مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو. مسجدِ نبوي شريف جي بي حُرمتي ڪئي وئي، ٽن ڏينهن تائين مسجدِ نبوي شريف ۾ ماڻهو نماز کان مُشرف نه ٿي سگهيا. ان موقعي تي مشهور تابعي بُزرگ حضرت سَعيد بن مُسيّب رَضِىَ اللهُ عَنْه مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضر رهيا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: انهن ڏينهن ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قبر مبارڪ مان اذان ۽ اقامت جو آواز ٻڌندو هيس ۽ انهيءَ تي نمازون ادا ڪندو هيس.[3]

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي اسان جي آقا ۽ مولا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نماز جي وقت


 

 



[1] حدائق بخشش:158۔

[2] کشف الغمہ،کتاب النکاح ، جز ثانی، صفحہ:63  ۔

[3] دَلَائِلُ النبوۃلابی نُعیم ،فصل ثامن و عشرون ما وقع من الآیات ،جز:2،صفحہ: 337۔