Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بیتُ المعمور ۾ ملائڪن جي به امامت فرمائي. [1]

   پياري آقا جو ڇا ته شان آهي جو بيتُ المقدس ۾ سڀني رسولن کي نماز پڙهائي ۽ بيتُ المَعمور ۾ سڀني ملائڪن جي امامت ڪرائي، الله پاڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نه صرف نبين جو امام بڻايو بلڪه پاڻ ملائڪن جا به امام آهن.[2]

امَّتِ محبوب کي به شرف مليو

   پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن بيتُ المعمور ۾ نماز ادا فرمائي، ان جڳھ تي اسان گنھگارن تي به وڏو ڪرم ٿيو:  جيئن ته صحابيءِ رسول حضرت ابو سعيد خُدري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، امامُ الملائڪه ۽ امامُ الانبيا، نورِ خُدا، محبوبِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مان جڏهن ستين آسمان تي پهتُس ته مون تي منهنجي امّت پيش ڪئي وئي، منهنجي امّت ۾ 2 قِسمن جا ماڻهو هئا (1): اهي ماڻهو جن جو لباس اڇو هو (2): ٻيا اهي ماڻهو جن جا ڪپڙا ميرا هئا، پوءِ مان بيتُ الۡمعمور ۾ داخل ٿيس، اڇي ڪپڙن وارا منهنجا امّتي به مون سان گڏ بيتُ المعمور ۾ ويا، پوءِ مون ۽ منهنجي سڄي مسلمان اُمّت بيتُ المعمور ۾ نماز ادا ڪئي.[3]

   سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اسان تي ڪيترو عظيم ڪرم آهي، اسان ۽ اسان کان اڳي گذري ويندڙ ۽ قيامت تائين اچڻ وارا مسلمان ان وقت عالَمِ اَرواح ۾ هئا، سڀ آقا ڪريم، نورِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا،


 

 



[1] مرآۃ  المناجیح ،جلد:8،صفحہ:144بتقدم و  تاخر۔

[2] مرآۃ المناجیح ،جلد:1، صفحہ: 372 خلاصۃً۔

[3] مسند الحارث، كتاب الایمان، باب ما جاءالاسراء، صفحہ:174، حدیث:27بتغیر قلیل۔