Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

نماز سکي وٺو!

  پيارا اسلامي ڀائرو! نماز پڙهڻي آهي ۽ لازمي پڙهڻي آهي، ان ۾ بلڪل به سُستي ناهي ڪرڻي پر ياد رهي! نماز سکڻ به ضروري آهي، شايد دنيا جو ڪو اهم ڪم اهڙو ناهي جيڪو بنا سکڻ جي ڪيو ويندو هجي، هر ڪم جي ٽريننگ ورتي ويندي آهي، پوءِ ڪيو ويندو آهي ايستائين جو اسان ننڍپڻ ۾ سائيڪل هلائڻ به سکي هئي، پر افسوس! اسان  نماز سکڻ جي ڪوشش نه ڪئي، رڳو ڏسي ڪري پڙهڻ شروع ڪري ڏني ۽ اڄ تائين ائين ئي پڙهي رهيا آهيون.

   ياد رکو! نماز جي متعلق ضروري احڪام ۽ مسائل سکڻ هر مسلمان تي فرض آهي. لهٰذا جن اسلامي ڀائرن اڃان تائين نماز باقاعده ناهي سکي، اهي پهريان نماز جا ضروري احڪام ۽ مسائل سکي وٺن! اَلحَمْدُللہِ! دعوتِ اسلامي مسجد ڀَريو تحريڪ آهي، دعوتِ اسلامي اسان کي نماز، وضو، غسل ۽ دين جون اهم ڳالهيون به سيکاريندي آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو درس به ڏيندي آهي. نماز سکڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! * عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر ڪيو! * مدرسةُ المدينه بالغان ۾ داخلا وٺو! * فرض علوم ڪورس ڪيو! * يا گهٽ ۾ گهٽ 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس ضرور ڪري وٺو! اَلحَمْدُللہِ! دعوتِ اسلامي جي شعبي: مدني ڪورسز جي تحت نماز جو درست طريقو سيکارڻ جي لاءِ هر عيسوي مهيني جي 11 ۽ 21 تاريخ تي عالَمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه بابُ المدينه ڪراچي سميت مختلف مقامن تي 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس ڪرايو ويندو آهي، ان کان علاوه امّتِ مُسلمه جي آساني جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي شعبي فيضان آن لائن اڪيڊمي ۾ فيضانِ نماز ڪورس آن لائن به ڪرايو ويندو آهي. انهن ڪورسز ۾ داخلا وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! علمِ دين