Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

هو. فلمن ڊرامن گانن باجن جو شوقين هيس ۽ منهنجي چهري تي ڏاڙهي به سنّت جي مطابق نه بلڪه ننڍي هئي. منهنجي سڌرڻ جو سامان ڪجھ هيئن ٿيو جو هڪ ڀيري دڪان تي اسلامي ڀاءَ پنهنجي شهر ۾ ٿيڻ واري هفتيوار سنّتن ڀَريي اجتماع جي دعوت ڏني مون ٽارڻ سان گڏوگڏ انهن کي بُرو ڀَلو به چيو: منهنجي اهڙي رويي سبب ان جي چهري تي اداسي ڇائنجي وئي، مان رات جو جڏهن گهر ويس کاڌو کائڻ کان بعد مون کي انهن اسلامي ڀائرن جو خيال آيو ته مون سوچيو ڇونه انهن جي اجتماع ۾ وڃڻ گهرجي ته جيئن ڏسي سگهجي ته هي ماڻهو اجتماع ۾ ڪن ڇا ٿا! پر قدرت کي ڪجھ ٻيو منظور هو جڏهن مان اجتماع ۾ ويس ته مُبلغِ دعوتِ اسلامي اجتماع کان بعد شفقت ڀري انداز ۾ مونکي سمجهايو جنهن جي نتيجي ۾ مدني قافلي ۾ سفر جي مون نيّت ڪئي ۽ جلدئي مون کي عاشقانِ رسول سان گڏ 3 ڏينهن جي لاءِ مدني قافلي ۾ سنّتن ڀري سفر جي سعادت نصيب ٿي وئي. اسان جو مدني قافلو هڪ مسجد ۾ ترسيو. اَلحَمْدُ للہِ! پهرين ئي رات مون گنھگار تي ڪرم مٿان ڪرم ٿي ويو. ڇا ٿو ڏسان ته مسجدِ نبوي شريف جو صحن آهي ۽ مان ٻهارو ڏئي رهيو آهيان. ايتري ۾ سنهري ڄاريون کُلن ٿيون ۽ امّت جا غمخوار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻاهر تشريف وٺي آيا ۽ منهنجو نالو وٺي ڪري فرمايائون: پنهنجو باطن به صاف ڪيو! ان خواب مان منهنجي دل ۾ انقلاب اچي ويو! حالانڪه ان کان پهريان مان معاذَ الله! حياتُ النَّبي جو مُنڪر هيس ۽ منهنجو هي به عقيدو هو ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي ڏسندا ٻڌندا ناهن ۽ نه ئي اسان جي باطني حالت کان آگاھ آهن، اَلحَمْدُ للہِ! مون تي حق ظاهر ٿي ويو ته سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان جا نالا ته ڇا، دلين جي ڪيفيت کان به باخبر آهن. اَلحَمْدُللہِ! مون باطل عقيدن کان سچي توبھ ڪري ورتي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو