Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

ڪيو جيئن مخدوم پنهنجي خادمن جي اڳيان هوندو آهي.

(5_11) ستَ نماز جا مقامَ

   پيارا اسلامي ڀائرو! مسجدِ اقصٰي ۾ باجماعت نماز جي ادائيگي کان بعد آسماني سفر شروع ٿيو: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بُراق تي جلوه فرما ٿين ٿا ۽ آسمانن جي طرف وڌن ٿا: هر بُلندي کان بُلند ٿيندي پهرين آسمان تي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام سان، ٻي آسمان تي حضرت عيسٰي عَلَيهِ السَّلَام  سان، ٽئين آسمان تي حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام سان، چوٿين آسمان تي حضرت ادريس عَلَيۡهِ السَّلَام سان، پنجين آسمان تي حضرت هارون عَلَيۡهِ السَّلَام سان، ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام سان، ۽ ستين آسمان تي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام سان مُلاقات فرمائيندي سدرةُ المُتنهٰي تي تشريف وٺي ويا. علّامه محمود آلوسي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: روايتن ۾ آيو آهي ته آسمانن کان گذرندي سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر آسمان تي 2 رڪعتون نماز ادا ڪئي ۽ ان آسمان جي ملائڪن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اقتداء ڪئي.[1]

(12): ٻارهون نماز جو مقام: بَيتُ الۡمَعمور

 پيارا اسلامي ڀائرو! 12 هون مقام جتي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز ادا فرمائي اهو بيتُ المعمور آهي. جهڙيءَ طرح اسان جو قبلو ڪعبو شريف آهي، ائين ئي ڪعبي شريف جي بلڪل سِڌ ۾ آسمان تي بيتُ المَعۡمور آهي، اتي ملائڪَ نماز ادا ڪندا آهن، مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مُفتي احمد يار خان نعيمي  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مِرآةُ المناجيح ۾ لکن ٿا: بيتُ المَعمور جيڪو ملائڪن جو قبلو آهي ڪجھ روايتن جي مطابق جيئن پياري آقا، امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيتُ المقدس ۾ انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام کي نماز پڙهائي هئي، ائين ئي پاڻ


 

 



[1] تفسیر روح المعانی ،پارہ :15،سورۂ اسراء ،زیرآیت :1،جزء:15،جلد:8،صفحہ:18 ۔