Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

جي ٿڌاڻ نماز بڻجي وئي.[1]

ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز    ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز

قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز   ہے مریضوں کو پیغامِ صِحَّت نَماز

نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ رب سے دلوائے گی تم کو جنَّت نَماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز

بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے    آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

نماز ۽ معراج جي ياد

  پيارا اسلامي ڀائرو! نماز معراج جو تحفو به آهي، مؤمن جي حق ۾ معراج به آهي ۽ ان جي پياري پياري عبادت يعني نماز ۾ معراجِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ياد به رکي وئي آهي. جي ها! عالم سڳورا فرمائن ٿا: معراج جي رات پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن بارگاھِ ربُّ العزت ۾ حاضر ٿيا ته عرض ڪيائون: اَلتَّحِیَّاتُ لِلّٰہِ وَالصَّلَوٰتُ وَالطَّیِّبَاتُ (يعني تمام قولي فعلي عبادتون  الله پاڪ جي ئي لاءِ آهن) الله پاڪ ان جي جواب ۾ فرمايو: اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ اَیُّھَا النَّبِیُّ وَ رَحْمَۃُ اﷲ ِوَبَرَکَاتُہٗ (سلام هجي اوهان تي اي نبي! ۽ الله پاڪ جون رحمتون ۽ برڪتون)، ان تي رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻيهر عرض ڪيو: اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلیٰ عِبَادِ اﷲ ِالصَّالِحِیْنَ (سلام هجي اسان تي ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن تي). [2]

    جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج کان واپس تشريف


 

 



[1] کَشْفُ الْمَحْجُوب، صفحہ:440ملتقطاو ماخوذاً  ۔

[2] مرآۃ المناجیح ،جلد:2،صفحہ:88۔