Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

سامان يعني 5 نمازون عطا ٿيون. سُبْحٰنَ اللہ!

اے مومنو! مژدہ کہ وہ اللہ سے لائے        بخشائشِ اُمت کا قبالہ شبِ معراج

اُمّتِ مصطَفٰي سان موسيٰ عَلَيهِ السَّلَام جي همدردي

   پيارا اسلامي ڀائرو! نماز معراج جو تحفو آهي ۽ ڪيتري ايمان افروز ڳالھ آهي جو پهريان 50 نمازون فرض ٿيون پوءِ اسان گنھگارن جي آساني جي لاءِ گهٽائي 5  ڪيون ويون. تمام مشهور روايت آهي: شهنشاھ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: معراج جي رات الله پاڪ مون تي ڏينهن ۽ رات ۾ 50 نمازون فرض ڪيون، جڏهن مان مُوسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام وٽ موٽي آيس ته مُوسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام پڇيوته الله پاڪ اوهان جي اُمَّت تي ڇا فَرض ڪيو آهي؟ مون کين ٻڌايو ته الله پاڪ مون تي 50 نمازون فرض ڪيون آهن. تنهن تي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام  چيو: پنهنجي ربّ وٽ وڃي ڪري هنن نمازن کي گهٽ ڪرائي وٺو، اوهان جي اُمَّت 50 نمازون نه پڙهي سگهندي ڇوته مان بني اسرائيل کي آزمائي چڪو آهيان (انهن تي ڏينهن رات ۾ صرف 2 نمازون فرض هيون جنهن کي هُو ادا نه ڪري سگهيا ته اوهان جي امّت 50 نمازون ڪيئن ادا ڪندي). پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: مان پنهنجي ربّ وٽ موٽي ويس ۽ عرض ڪيم: اي ربّ! منهنجي امّت تي ڪجھ آساني فرماءِ، الله پاڪ 5 نمازون گهٽ ڪري ڇڏيون، مان ٻيهر حضرت مُوسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام وٽ موٽي آيس ۽ چيو ته الله پاڪ 5 نمازون گهٽ ڪري ڇڏيون آهن. پوءِ موسٰي عَلَيهِ السَّلَام اها ئي ڳالھ چئي ايستائين جو گهٽ ڪرائيندي ڪرائيندي صرف 5 نمازون رهجي ويون، ته الله پاڪ فرمايو: پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڏينهن رات جون هي 5 نمازون آهن ۽ هنن ۾ هر نماز جو 10 ڀيرا اجر ملندو لهٰذا هي نمازون (پڙهڻ ۾ اجر ۽ ثواب جي اعتبار سان) 50 ئي رهنديون.

   سُبْحٰنَ اللہ! ڪيتري ايمان افروز روايت آهي، هن حديثِ پاڪ مان اسان کي