Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

شخص جيڪو اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏٺو (يعني جنهن جو مٿو چٿريو پئي ويو) هي اهو شخص هو جنهن قرآن ڪريم پڙهيو پوءِ ان کي ڇڏي ڏنو هو ۽ فرض نمازن جي وقت سمهي رهندو هو.[1]

بے نمازی کی نحوست ہے بڑی               مر کے پائے گا سزا بے حد کڑی

بي نمازين جون 15 سزائون

  ڪجھ روايتن جي مطابق جيڪو سُسۡتي جي ڪري نماز ڇڏيندو، الله پاڪ ان کي ”15 سزائون“ ڏيندو: ڇھ دنيا ۾، ٽي موت جي وقت، ٽي قبر ۾ ۽ ٽي قبر مان نڪرندي وقت، دنيا ۾ ملڻ واريون 6 سزائون: (1) ان جي عمر مان برڪت ختم ڪئي ويندي (2) ان جي چهري مان نيڪ ٻانهن جي نشاني مٽائي ويندي (3) الله پاڪ ان کي ڪنهن عمل تي ثواب نه ڏيندو (4) ان جي ڪا دعا آسمان تائين نه پهچندي ۽ (5) دنيا ۾ ان کان مخلوق نفرت ڪندي (6) نيڪ ٻانهن جي دعائن ۾ ان جو ڪو حصو نه هوندو. موت جي وقت ڏنيون ويندڙ ٽي سزائون: (1) اهو ذليل ٿي مرندو (2) بکيو مرندو (3) اڃارو مرندو. جيڪڏهن ان کي سڄي دنيا جا سمنڊ پيئاريا وڃن تڏهن به ان جي اُڃ نه ويندي. قبر ۾ ڏنيون ويندڙ ٽي سزائون: (1) ان جي قبر کي ايترو سوڙهو ڪيو ويندو جو ان جون پاسيريون هڪٻئي سان ملي وينديون (2) ان جي قبر ۾ باھ ڀڙڪائي ويندي پوءِ اهو ڏينهن رات ڪوئلن تي ابتو سبتو ٿيندو رهندو ۽ (3) قبر ۾ ان تي ازدهو (يعني تمام وڏو نانگ) مسلط ڪيو ويندو جنهن جو نالو اَلشُّجَاعُ الۡاَقۡرَع (يعني گنجو نانگ) آهي، ان جون اکيون باھ جون هونديون جڏهن ته ننهن لوھ جا هوندا، هر ننهن جي ڊيگھ هڪ ڏينهن جي مسافت (يعني فاصلي) تائين هوندي، اهو ميت کان ڪلام (يعني گفتگو) ڪندي چوندو ”مان اَلشُّجَاعُ الۡاَقۡرَع (يعني گنجو نانگ) آهيان“. ان جو


 

 



[1] بخاری ،کتاب التعبیر ،باب   تعبیر الرؤیا،صفحہ:1715-1714،حدیث:7047ملتقطاً۔