Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

ڪهڙو عمل ڪندا هئا؟ ان چيو: منهنجا والد ماجد 50 سال لاڳيتو شب بيداري (يعني رات جاڳي ڪري عبادت) ڪندا رهيا، جڏهن سحري جو وقت ٿيندو هو ته هيئن دعا ڪندا هئا: اي الله ڪريم! جيڪڏهن تو پنهنجي مخلوق ۾ ڪنهن کي قبر ۾ نماز ادا ڪرڻ جو شرف عطا فرمايو آهي ته مون کي به عطا فرمائجانءِ. الله پاڪ انهن جي دعا قبول فرمائي ورتي آهي.[1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

نگاهِ مصطفٰي جو  ڪمال

   اي عاشقانِ رسول! اسان معراج جي سفر جي روايت ٻڌي، اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي رات حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي مَزار شريف تي تشريف وٺي ويا ۽ انهن کي قبر مبارڪ ۾ نماز ادا ڪندي مُلاحظه فرمايو، ان مان هڪ ته نگاھِ مصطفٰي جو ڪمال به معلوم ٿيو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان وقت عالَمِ دنيا ۾ هئا جڏهن ته حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام عالَم برزخ ۾ هئا، رسولِ خُدا، احمدِ مُجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عالَمِ دنيا ۾ رهندي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام کي ڏٺو ۽ معلوم به ڪري ورتو ته هُو هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهن ۽ ڇا ڪري رهيا آهن.

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! هي نگاھِ مصطفٰي جو ڪمال آهي...!!

   سيّدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نگاھِ مصطفٰي جو ڪمال بيان ڪندي فرمائن ٿا:

شش جِہَت سمتِ مقابلِ شب و روز ایک ہی حال

دُھوم  وَالنَّجْم   میں   ہے   آپ   کی   بینائی   کی[2]


 

 



[1] صفوۃ الصفوۃ، جز:3، جلد:2،صفحہ:177بتغیرقلیل۔

[2] حدائقِ بخشش،صفحہ:154۔