Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

آواز ڪڙڪيدار بجلي جيان هوندو، اهو چوندو: ”منهنجي رب مونکي حڪم ڏنو آهي ته فجر نماز ضايع ڪرڻ تي طلوعِ آفتاب (يعني سج نڪرڻ تائين) ماريندو رهان ۽ نماز ظهر ضايع ڪرڻ تي عصر تائين ماريندو رهان ۽ نمازِ عصر ضايع ڪرڻ تي مغرب تائين ماريندو رهان ۽ نمازِ مغرب ضايع ڪرڻ تي عشاء تائين ماريندو رهان ۽ نماز عشاء ضايع ڪرڻ تي فجر تائين ماريندو رهان.“ جڏهن به اهو ان (يعني مڙدي) کي ماريندو ته اهو ستر هٿ زمين ۾ ڌٻجي ويندو ۽ اهو (نماز ترڪ ڪرڻ وارو) قيامت تائين عذاب ۾ مبتلا رهندو. قيامت ۾ ملڻ واريون ٽي سزائون: (1) اهي حساب جي سختي (2) ربِ قهار جي ناراضگي ۽ (3) جهنم ۾ داخلا آھن .[1]

ہو گی دنیا خراب، آخرت بھی خراب         بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

بےنمازی جہنّم کا حقدار ہے                         بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

قبر میں سانپ بچھو لپٹ جائیں گے            بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

سہہ سکو گے نہ دوزخ کا ہرگز عذاب     بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

دیکھو! اللہ ناراض ہو جائے گا                     بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

نمازي بڻجي وڃو!

   اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ اسان کي سچو پڪو نمازي بڻائي! اڄ معراج جي رات آهي، اڄوڪي رات هي پڪي نيّت ڪيو ته اڄ کان پوءِ منهنجي ڪا نماز قضا نه ٿيندي! جماعت به ترڪ نه ٿيندي! پنج ئي نمازون پابنديءَ سان مسجد ۾ تڪبيرِ اولٰي سان ادا ڪندو رهندس! زندگي ۾ جيڪي نمازون رهجي ويون آهن، انهن جو به حساب لڳائي ڪري اڄ کان ئي قضا شروع ڪندُس. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!


 

 



[1] مجالس العشرہ المجلس الثامن،صفحہ:71۔حديث؛77