Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

معراج جي تحفي جون برڪتون

   اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! معراج جي تحفي يعني پياري عبادت، نماز جون وڏيون برڪتون آهن: * نماز ايمان جي نشاني آهي * هڪ نماز ٻي نماز تائين جي گناھن جو ڪفارو آهي * نماز رضاءِ الهي ۽ قُربِ الهي جو ذريعو آهي * اعمال وزن ٿيڻ وقت نمازي جي لاءِ حُجت ۽ دليل آهي * ان سان مسجدن جي زينت ۽ آبادي آهي * ملائڪن جي تمام عبادتن جي جامع آهي * هي بي حيائين ۽ بدڪارين کان روڪيندي آهي * بلائون ٽاريندي ۽ عذابِ الهي کان نجات ڏياريندي آهي * مُشڪلات جي حل جو بهترين ذريعو آهي * غم کي سڪون ۾ بدليندي آهي * غرور ۽ تڪبر کي ٽوڙيندي آهي * ٻانهي کي خوفِ خُدا سان نوازيندي آهي * مُفلسي ۽ غُربت دور ڪندي آهي * ٻانهي کي الله پاڪ جي ذڪر جو شرف ڏياريندي ۽ ان قابل بڻائيندي آهي جو اهو اَرْحَمُ الرّاحِمِیْن ٻانهي جو ذڪر فرمائيندو آهي * مسلمان جو هٿيار ۽ ان جي حفاظت جو مضبوط ڪوٽ آهي * قبر جي اونداهي کي روشني سان بدليندي آهي. * بارگاھِ الهي ۾ نمازين جو هر صبح ۽ شام ذڪر ٿيندو آهي * نمازين کي رحمت جا ملائڪَ ڍڪي وٺندا آهن * نمازي جي لاءِ جنّت جا دروازا کوليا ويندا آهن * نمازي ۽ ربِّ ڪريم جي درميان پردا هٽايا ويندا آهن.

ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز                  ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز

قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز                ہے مریضوں کو پیغامِ صِحَّت نَماز

نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ      ربّ سے دلوائے گی تم کو جنَّت نَماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ    قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز

بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے                   آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز