Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

سنڀالي ڪري رکيو ۽ پنهنجي قسمت تي ناز ڪيو ويندو آهي، ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو سوکڙين جو قدر ناهن ڪندا يا تحفو ڏيڻ واري جو شڪريو ادا ناهين ڪندا ته اهڙا ماڻهو مُعاشري ۾ سُٺي نگاھ سان ناهن ڏٺا ويندا. مان جنهن تحفي جي طرف ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو اهو مخلوق جو نه بلڪه خالقِ ڪائنات الله پاڪ جو ڏنل آهي جيڪو معراج واري رات پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذريعي مسلمانن کي عطا فرمايو ويو، ان تحفي کي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن پنهنجي اکين جي ٿڌاڻ قرار ڏنو آهي.

  هاڻي اسان کي غور ڪرڻو آهي ته اسان ان معراج جي تحفي جو قدر ڪري رهيا آهيون. هاءِ! افسوس! اڄڪلھ نماز جو بلڪل فڪر ئي ناهي ڪيو ويندو، مسلمانن جي اڪثريت نمازن کان دور آهي ۽ جيڪي نماز پڙهندا آهن، انهن ۾ به هڪ تعداد اهڙو آهي، جيڪي ڪڏهن پڙهي وٺندا آهن ته ڪڏهن ناهن پڙهندا يا ٻه، ٽي يا چار پڙهي وٺندا آهن، پنج پوريون ناهن پڙهندا، جيڪي پنج پوريون پڙهندا آهن، انهن ۾ به هڪ تعداد آهي جيڪي جماعت ڇڏي ڏيندا آهن، مسجد ۾ باجماعت نماز ادا ناهن ڪندا، ڪاش! اسان کي هن معراج جي تحفي جو قدر نصيب ٿي وڃي.

شبِ معراج عذاب ڏٺو

   روايتن ۾ آهي: معراج جي گهوٽ، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي رات اهڙن ماڻهن وٽ تشريف وٺي ويا جن جا مٿا پٿرن سان چٿريا پئي ويا، جڏهن به انهن کي چٿريو ويندو هو ته اهي پهريان وانگر درست ٿي ويندا هئا ۽ هي سلسلو ائين ئي هلندو رهندو هو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو: اي جبريل! هي ڪير آهن؟ عرض ڪيو:  هي اهي ماڻهو آهن جن جا مٿا نماز پڙهڻ سان ڳَرا ٿي