Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

يعني قدرت جي انهن نشانين کي ڏسڻ ۽ الله پاڪ جي ديدار جي سهپ صرف انهن ۾ آهي، تنهنڪري معراج انهن کي ئي ڪرايو ويو.[1]

معراج جو سفر ختمِ نبوت جو دليل آهي

   اي عاشقانِ رسول! معراج جو سفر اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آخري هجڻ جو دليل به آهي. جي ها! الله پاڪ فرمايو:

لِنُرِیَہٗ مِنۡ اٰیٰتِنَا ؕ  (سيپارو: 15، سورة بني اسرائيل: آيت: 1)

ترجمو ڪنزالعرفان: جيئن اسان ان کي پنهنجون عظيم نشانيون ڏيکاريون.

   هڪ آيت مبارڪ جي حوالي سان مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: يعني پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي آسمان ۽ لامڪان تي گهرائي ڪري اهي نشانيون ڏيکاريون جيڪي باقي تمام نبين ۽ رسولن ٻڌيون هيون، جيئن ربّ جي ذات، عرش ۽ ڪرسي، لوح ۽ قلم، جنّت ۽ دوزخ وغيره(هي تمام نشانيون باقي نبين ۽ رسولن وحيءَ جي ذريعي ٻڌيون هيون، جيئن ته باقي سڀني جيڪو ٻڌو هو، الله ڪريم پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سڀ ڪجھ ڏيکاري ڇڏيو، ڇو ڏيکاريو) ته جيئن باقي انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام هاڻي تائين جن ڳالهين جي گواهي وحيءَ جي ذريعي ٻڌي ڏئي رهيا هئا، هاڻي سڀني نبين جي تاجدار، مڪي مدني سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گواهي ٻُڌل نه بلڪه اکين ڏٺل ٿي وڃي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّاۤ  اَرۡسَلۡنٰکَ شَاہِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ  نَذِیۡرًا (ۙ۴۵)  (سيپارو: 22، سورة احزاب: آيت: 45)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اسان توکي گواھ ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو بڻائي ڪري موڪليو.


 

 



[1] نور العرفان، پارہ :15،سورۂ بنی اسرائیل ،زیرآیت :1،صفحہ:339بتغیر قلیل  ۔