Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

وٺي آيا ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امّت کي اَلتَّحِیَّات جي تعليم ڏني ۽ ان ۾  هي ئي مبارڪ ڪَلما سيکاريا، ڄڻ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي انسانو! نماز توهان جي معراج آهي ته مان معراج ۾ ربَّ ڪريم سان جيڪا گفتگو ڪري آيو آهيان توهان به نماز ۾ اها ئي ڪندا ڪيو.[1]

نماز ۾ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو تصور

   هن جڳھ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت عشق واري ڳالھ لکي آهي، پاڻ نماز جا آداب بيان ڪندي فرمائن ٿا: جڏهن نماز پڙهڻ وارو اَلتَّحِیَّات تي پهچي ۽ هي پڙهي: اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ اَیُّھَا النَّبِیُّ (يعني اي نبي! اوهان تي سلام هجي) ان وقت جو ادب هي آهي ته نمازي حضور جانِ عالَم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي دل ۾ حاضر ڄاڻي ۽ هي تصور ڪري هي ڪلما چئي ته مان حُضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ سلام عرض ڪري رهيو آهيان ۽ پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون گنھگار تي ڪرم فرمائيندي سلام جي جواب سان نوازي رهيا آهن.[2]

کیا کرم کیا تیری یاد نے، مجھے آ جگایا نماز میں

میرے وہ بھی سجدے ادا ہوئے، جو قضا ہوئے تھے نماز میں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

معراج جي تحفي جو قدر ڪيو

   پيارا اسلامي ڀائرو! زماني جو دستور آهي ته ماڻهو سُوکڙين جو قدر ڪندا آهن، خاص ڪري جڏهن سوکڙي ڪنهن وڏي شخصيت طرفان ملي ته ان کي


 

 



[1] مرآۃ المناجیح ،جلد:2،صفحہ:90۔

[2] مرآۃ المناجیح ،جلد:2،صفحہ:92بغیر قلیل ۔