Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

   يقيناً ڪائنات ۾ اهڙي نماز ڪڏهن به نه ٿي، ڪهڙو نرالو انداز هو جو اذان ڏيڻ وارا سيّدُ الملائڪ حضرت جبرائيلِ امين عَلَيهِ السَّلَام هئا، نماز پڙهڻ وارا انبياء عَلَيهمُ السَّلَام هئا ۽ نماز پڙهائڻ وارا سيّدُ الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هئا، آسمان اهڙو نظارو ڪڏهن به نه ڏٺو.

 اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت ڪمال ڳالھ چئي، لکن ٿا:

نمازِ اَقصیٰ میں تھا یہی سِرّ  عِیاں ہوں مَعْنیِ اَوّل آخِر

کہ دَست بَسْتَہ ہیں پیچھے حاضِر      جو سلطنت آگے کر گئے تھے

وضاحت: معراج واري رات مسجدِ اقصٰي ۾ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام انبياء کي جيڪا نماز پڙهائي ان ۾ اهو ئي راز هو ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ لقبن: الاوّلُ ۽ الآخر جي معنٰي واضح ٿي وڃي، ڏسو! اهي تمام نبيِ سڳورا عَلَيهِمُ السَّلَام جيڪي پهريان دنيا ۾ تشريف وٺي اچي چڪا هئا، ظاهر ۾ اهي جيتوڻيڪ اَوّل هئا پر اڄ معراج جي رات سڀئي امامُ الانبياء جي اقتداء ۾ صفون ٻَڌيو بيٺا آهن ڄڻ هي ٻڌايو پيو وڃي ته پهريان دنيا ۾ اچڻ وارا جيتوڻيڪ پهريان آيا آهن پر سڀني کان اوّل، سڀني جا امام، سڀني جا پيشوا اهي ئي اَوّل ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن.

نام نبیوں کے بے شک بڑے ہیں                عظمتوں کے نگینے جڑے ہیں

مُقتدی بن کے پیچھے کھڑے ہیں               وہ جو پہلے سے آئے ہوئے ہیں

   حضرت علّامه بُوصيري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

وَقَدَّمَتْکَ جَمِیْعُ الْاَنْبِیَاءِ بِہَا                                                                                                                        وَالرُّسُلِ   تَقْدِیْمَ   مَخْدُوْمٍ   عَلٰی   خَدَمِ

يعني: بيتُ المُقدس ۾ تمام نبين ۽ رسولن  عَلَيهِمُ السَّلَام پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اڳيان