Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

اکين سان الله پاڪ جي ديدار سان مُشرف ٿيا، ان وقت محبوب ۽ مُحب (يعني الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي وچ ۾ ڪهڙيون راز جون ڳالهيون ٿيون، ان جو احوال ته ڪير به نه ٿو ڄاڻي، البت الله ڪريم ان رات پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مختلف تحفا عطا فرمايا. انهن مان 3 تحفا هي آهن: (1): سورت بقره جون آخري آيتون (2): نمازون ۽ (3): شرڪ ۽ ڪفر کان بچڻ وارن امّتين جي بخشش.[1]  

    علّامه نورُ الدّين حَلبي لکن ٿا: راز جون ڳالهيون ٿيڻ کان بعد الله پاڪ فرمايو: اَیْنَ حَاجَۃُ جِبْرِیْل؟ يعني اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام جي اِلتجا(جيڪا انهن سدرةُ المُنتهٰي تي پيش ڪئي هئي) اها ڪٿي آهي؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عرض ڪيو: اي الله ڪريم! تون بخوبي ڄاڻين ٿو. ان تي ربِّ ڪائنات فرمايو: محبوب! اسان جبريل جو عرض قبول ڪيو (انهن کي پلصراط تي اوهان جي امّتين جي لاءِ پرَ وڇائڻ جي اجازت ڏني ويندي) پر ياد رهي! اوهان جي امّت مان هي عنايت صرف ان تي ٿيندي جيڪو اوهان سان محبت به ڪندو ۽ اوهان جو فرمانبردار به رهندو.[2]

   الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي رحمتن، ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عنايت تي غور فرمايو! معراج جي رات آهي، الله پاڪ جا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر آهن، محبوب ۽ مُحب ۾ ڪو ٽيون ناهي، معراج جا تحفا عطا ڪيا پيا وڃن ۽ ڪهڙا تحفا عطا ٿيا: امّت جي بخشش عطا ٿي، جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام پُلصراط تي امّتِ مصطفٰي جي لاءِ پر وڇائڻ جي درخواست ڪئي، اها قبول ڪئي وئي، سورت بقره جون آخري آيتون تحفي ۾ عطا ٿيون ۽ اسان گنھگارن جي لاءِ معراج جو


 

 



[1] در دیر ،صفحہ: 25۔

[2] سیرۃ حلبیہ ،باب ذکر الاِسْراء و المعراج ،صفحہ:567۔