Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

ملاقات جي لاءِ وڃي رهيا آهن تڏهن به 6 مختلف جڳھن تي نماز ادا ڪيائون، مسجدِ اقصٰي ۾ به نماز ادا ڪئي نه صرف ادا ڪئي بلڪه سندن اقتداء ۾ نبين ۽ رسولن ۽ ملائڪن به نماز ادا ڪئي، هر آسمان تي ويندي 2، 2 رڪعتون نماز ادا ڪندا رهيا ۽ ملائڪن جي امامت ڪرائي رهيا آهن. ۽ جڏهن ربّ جي بارگاھ ۾ ويندا آهن ته نماز جو وڏو رُڪن سجدو ادا ڪندا آهن ربّ سان ملاقات کان بعد جڏهن واپس پنهنجي امّت جي طرف اچي رهيا آهن ته خالِقِ ڪائنات به پنهنجي محبوب جي امّت جي لاءِ جيڪو تحفو عطا فرمائين ٿا اهو به نماز ئي آهي. معراج جي رات نماز ئي نماز آهي ويندي نماز پڙهي رهيا آهن ۽ ايندي پنهنجي امّت جي لاءِ نماز وٺي اچي رهيا آهن. يعني پاڻ به معراج فرمائي ۽ پنهنجي غلامن جي لاءِ به معراج جو سامان وٺي آيا. جي ها! نماز مومن جي معراج آهي. مِرقاةُ المَفاتيح ۾آهي: اَلصَّلَاۃ ُمِعْرَاجُ الْمُؤْمِن نماز مومن جي معراج آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! يه ڪيتري زبردست نوازش آهي...! اسان کي نماز جو تحفو مِليو ۽ نماز مؤمن جي معراج آهي، هاڻي قيامت تائين جي لاءِ مُسلمانن تي هي عنايت ٿي وئي ته زندگي ۾ هڪ ڀيرو نه، سال کان بعد نه، مهيني کان بعد نه بلڪه روزانو پنج ڀيرا ٻانهو وضو ڪَري، مسجد ۾ حاضر ٿئي، توجھ سان، خشوع ۽ خضوع سان، دل جَمعِي سان نماز پڙهي، پنهنجي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضري ڏي، مٿو سجدي ۾ رکي ۽ الله پاڪ سان هم ڪلامي جو شرف حاصل ڪري. سُبْحٰنَ اللہ ! هي آهي مسلمان جي معراج....!

    اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور فرمايو! دنياوي بادشاھن ڏي وڃڻو هجي ته


 

 



[1] مرقاۃ ُالمفاتیح،کتاب   الصلاۃ ، صفحہ:421،حدیث:746۔