Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

عظيم نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اهو ئي ٻڌڻ وارو ڏسڻ وارو آهي.

   معراج جي سفر جا 3 حصا آهن: (1): فرشي معراج جيڪو مڪي شريف کان مسجدِ اقصٰي تائين آهي، ان کي اسرٰي چوندا آهن (2): آسماني مِعراج جيڪو مسجدِ اقصٰي کان سِدرةُ المُنتهٰي تائين آهي، ان کي مِعراج چوندا آهن (3): ان کان بعد آهي لامڪاني مِعراج جيڪو سدره کان اڳتي لامڪان تائين آهي، ان کي عُروج چوندا آهن. سيپارو: 15، سورة بني اسرائيل جي هي آيتِ ڪريمه جيڪا اسان هاڻي ٻڌي، ان مختصر آيتِ ڪريمه ۾ معراج جي انهن ٽنهي حصن جو ذڪر آهي. جيئن ته مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن آيت ۾ بٰرَکْنَاحَوْلَہ تائين فرشي معراج يعني بيتُ المقدس تائين جو ذڪر آهي ۽

لِنُرِیَہٗ مِنۡ اٰیٰتِنَا ؕ  (سيپارو: 15، سورة بني اسرائيل: آيت: 1)

ترجمو ڪنزالعرفان: جيئن اسان ان کي پنهنجون عظيم نشانيون ڏيکاريون.

  ۾ آسماني معراج جو ذڪر آهي (جو اسان محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج ڪرايو ته جيئن انهن کي زمين ۽ آسمان وغيره ۾ پنهنجون انيڪ نشانيون ڏيکاريون

۽ آيت جي هن حصي:

اِنَّہٗ  ہُوَ  السَّمِیۡعُ  الۡبَصِیۡرُ (۱)  (سيپارو: 15، سورة بني اسرائيل: آيت: 1)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اهو ئي ٻڌڻ وارو ڏسڻ وارو آهي.

  ۾ لامڪاني معراج جو ذڪر آهي، هن جملي جي معنٰي هي آهي ته بيشڪ اهي محبوب ٻانها (يعني رسولِ خُدا، احمدِ مُجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ئي ٻڌڻ ڏسڻ وارا آهن