Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

وڌيس، ته الله پاڪ فرمايو: اُدْنُ يَا مُحَمَّد، اُدْنُ يَا مُحَمَّد، ‌لِيَدْنُ ‌الْحَبِيْبُ اي محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ويجهو اچو! اي محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اڃان وڌيڪ ويجها ٿي وڃو! گهرج هئي ته حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّماڃان وڌيڪ ويجهو ٿي وڃن، پوءِ الله پاڪ مون کي ايترو قرب عطا فرمايو، جيئن قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿيو آهي:  ([1]) 

فَكَانَ قَابَ قَوْسَیْنِ اَوْ اَدْنٰىۚ(۹) (پارہ:27، سورنجم:9)

ترجموڪنزالعرفان: ته ٻن ڪمانن جي برابر بلڪه ان کان به گهٽ فاصلو رهجي ويو.

يعني نورِ الٰهي جو جلوو ۽ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمانتهائي ويجهو ٿي ويا.

اعليٰ حضرت امام اهل سُنت امام احمد رضا خان هن جي منظرڪشي ڪندي لکن ٿا:  

بڑھ اے مُحَمَّد، قریں ہو احمد، قریب آ سرورِ مُمَجَّدْ

نثار جاؤں، یہ کیا نِدا تھی، یہ کیا سماں تھا، یہ کیا مزے تھے

وضاحت: آواز آيو: اي مُحَمَّد! اي احمد! اي بادشاهن جا بادشاه! اي منهنجا محبوب، ويجهي کان ويجهو ٿي وڃ!  اللهُ اکبر!  قربان وڃان، اهو ڪيترو پيارو آواز هوندو، ڪيڏي نه وڻندڙ ڪيفيت هوندي، اهو ڪيڏو نه سُرُور جو عالَم هوندو!

سُبْحٰنَ الله! منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو ڇا شان آهي. الله پاڪ کين اهڙو قرب عطا فرمايو، اهڙو قرب عطا فرمايو، جو ٻن ڪمانن جيترو بلڪه اڃان به گهٽ فاصلو رهجي ويو. اهو قرب ڪهڙو هو؟ ڪيئن هو؟ ڇا جي لاءِ هو؟ ان جي تفصيل اسان ڪيئن ٿا ڄاڻي سگهون، هي ته الله پاڪ بهتر ڄاڻي يا محبوبِ  ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمبهتر ڄاڻن ٿا. حضرت ابوعطاء رَحمَةُ اللهِ عَلَيْه کان پڇيو ويو ته الله پاڪ جو فرمايو آهي:


 

 



[1]... مواہب اللدنیہ مع شرح زرقانی، ج:8، ص:195۔