Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

کي خواب ۾ الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو.([1]) امام احمد بن حنبل رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  کي خواب ۾ 100 ڀيرا الله پاڪ جو ديدار ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي. ([2])

 مطلب اهو آهي ته دنيا ۾ به خواب جي حالت ۾ الله پاڪ کي ڏسڻ ممڪن آهي، اسان کي به پنهنجي دل ۾ الله پاڪ جو ديدار ڪرڻ جو شوق وڌائڻ گهرجي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَنْ اَحَبَّ لِقَاءَ اللہِ اَحَبَّ اللہُ لِقَائَہٗ جيڪو الله پاڪ سان ملاقات کي پسند ڪندو آهي، الله پاڪ به ان سان ملاقات کي پسند ڪندو آهي.([3])

عُلَماءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   فرمائن ٿا: (1)  جيڪو شخص روزانو سورة آل عمران پڙهي سمهندو ان شاءَ اللہُ الكَرِيم! ڪڏهن نه ڪڏهن خواب ۾ الله پاڪ جو ديدار ڪندو. (2)   ۽ جيڪو شخص 40 جُمعه جون راتيون (يعني خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات) سورت طٰہٰ پڙهندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! خواب ۾ ديدارِ الٰهي سان مشرف ٿيندو.([4])

شعبان شريف آقا جو مهينو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! شعبان شريف اچڻ وارو آهي، تمام گهڻين برڪتن ۽ عظمتن وارو مهينو آهي. پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمان کي شَهْرِی يعني منهنجو مهينو فرمايو، جنهن سبب شعبان کي آقا جو مهينو پڻ چيو ويندو آهي * شعبان المعظم ڪيئن گذارڻ گهرجي؟  * ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا نيڪ عمل ڪرڻ گهرجن؟ * ان جون فضيلتون ڪهڙيون آهن؟ * ان جون برڪتون ڪهڙيون آهن؟  انهن سڀني سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ لاءِ، شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ   جو رسالو آقا جو مهينو ضرور پڙهڻ گهرجي۔

الله پاڪ اسان کي نيڪ ڪم ڪرڻ، شوق، ذوق ۽ ايمان جي لذت نصيب فرمائي.


 

 



[1]...اشعۃ اللمعات، باب رویۃ اللہ تعالیٰ، جلد:4، صفحہ:425۔

[2]...حیاۃ الحیوان الکبریٰ، باب الہمزۃ، الانسان، جلد:1، صفحہ:58۔

[3]...الزہد لابن المبارک، الجزء السابع، باب فضل ذکر اللہ، صفحہ:290، حدیث:971۔

[4]...تحفہ معراج النبی، صفحہ:183۔