Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

اَگَرْ یَکْ سَرْ مُوْئے بَرتَر پَرَم                                                                                                              فَرَوْغِ تَجَلِّی بَسَوْزَدْ پَرَم

وضاحت: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هتان کان هڪ قدم به اڳتي وڌيس ته نور جي تجلي سبب منهنجا پَرَ سڙي ويندا، منهنجي بس اهائي انتها آهي.

اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ  الْعَالِیَہ پنهنجي نعتيه ديوان وسائلِ بخشش ۾ هن واقعي جي منظر ڪشي ڪجهه هن ريت ڪئي آهي!

جبریل ٹھہر کر سِدرہ پر بولے جو بڑھے ہم ایک قدم

جل جائیں گے سارے بال و پَر اب ہم تو یہیں رہ جاتے ہیں

۽ ڪنهن هن کي هينئن شعر جي صورت ۾ بيان ڪيو!!!

نور نے تلووں کو سہلا کر جگایا خواب سے              یُوں ہوئی سرکار کی مِعْراجِ جسمانی شروع

پہلے تو وہ ہمرکابِ سرورِ کونین تھا                    ہو گئی جبریل کی سِدْرَہ سے حیرانی شروع

  پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان معلوم ٿيو ته سِدْرَۃ ُالْمُنْتَہیٰ کان اڳتي خاص نوراني تجليون شروع ٿيون، ڄڻ اها قربِ خاص جي ابتدا هئي، پيارا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمانهن تجلين مان گذرندا الله پاڪ جي حضور قربِ خاص ۾ تشريف فرما ٿيا. 

صديقِ اڪبر جي آواز جهڙو  آواز

پيارا اسلامي ڀائرو! هي دنيٰ جو بيان آهي، يعني حضور محمد مصطفيٰ    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجلوهءِ نورِ الهي جي قريب ٿي رهيا آهن, هي قرب ڪهڙي شان سان ٿيو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمائن ٿا : سدره کان گذرڻ کان پوءِ مون کي نور ۾ داخل ڪيو ويو، مان 70 هزار حجابن مان گذرندي اڳتي وڌيس. هتي مون کي ٿوري