Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi
ہزار درد کو یہ ایک دوا کفایت ہے جو پیش آئے ذرا بھی خطر درود پڑھو ([1])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
حديث پاڪ ۾ آهي : اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اڄ شبِ معراج آهي. ڪيڏي نه ايمان تازو ڪندڙ ڳالهه آهي...!! اڄوڪي رات اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي معراج عطا ٿيو هو. سُبْحٰنَ اللہ!
ہیں عرشِ بَریں پر جَلْوہ فگن محبوبِ خُدا سُبْحٰنَ اللہ!
اِک بار ہُوا دِیدار جسے سَو بار کہا سُبْحٰنَ اللہ!
طالِب کا پتہ مَطْلُوب کو ہے مَطْلُوب ہے طالِب سے واقِف
پَردے میں بُلا کر مِل بھی لئے پَردہ بھی رَہا سُبْحٰنَ اللہ!