Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

فَكَانَ قَابَ قَوْسَیْنِ اَوْ اَدْنٰىۚ(۹)  (پارہ:27، سورنجم:9)

ترجموڪنزالعرفان: ته ٻن ڪمانن جي برابر بلڪه ان کان به گهٽ مفاصلو رهجي ويو.

ان جي تفصيل ڇا آهي؟ پاڻ تمام خوبصورت جواب ڏنائون، فرمايائون : مان توهان کي اهڙي مقام جا تفصيل ڪيئن ٻڌائي سگهان ٿو، جتان حضرت  جبرائيل، ميڪائيل ۽ اسرافيل علیہم ُالسَّلاَم کي به پري ڪيو ويو هو، اتي صرف الله پاڪ ۽ سندس پيارو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمموجود هئا. ([1]) 

قصرِ دَنیٰ کے راز میں

عقلیں تو گم ہیں جیسی ہیں        رُوح الامیں سے پوچھئے!

تم نے بھی کچھ سُنا کہ یُوں

وضاحت: مقامِ دنيٰ (يعني الله پاڪ جو خاص قرب) ۾ ڪهڙيون راز جون ڳالهيون ٿيون، ڪهڙا ڪهڙا علم محبوب ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي عطا ڪيا ويا، ان جي باري ۾ عقل ته دنگ رهجي وڃي  ٿو، سمجهه ۾  ئي نه ٿو اچي، ڀلا جبرائيل عَلَيْهِ السَّلَام کان ئي معلوم ڪري وٺون ٿا ! اي  ملائڪن جا سردار! اي امينِ وحي! حضرت جبرائيل عَلَيْهِ السَّلَام ! ڇا توهان

ڪجهه ٻڌو ته اُتي ڪهڙيون ڪهڙيون راز جون ڳالهيون ٿيون هيون....؟

اک ڏٺو، دل تصديق ڪئي

پيارا اسلامي ڀائرو! ان خَلْوتِ خاص (يعني خاص تنهائي) ۾ ڇا ڇا ٿيو، قرآنِ ڪريم جو وڌيڪ بيان ٻڌو! الله پاڪ فرمائي ٿو :  

مَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَاٰى(۱۱)  (پارہ:27، سورنجم:11)

ترجموڪنزالعرفان: دل ان کي ڪُوڙ نه چيو جيڪو (اک) ڏٺو.


 

 



[1]... حاشیہ دردیر، ص:59۔