Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

مطلب هي آهي ته پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن ته الله پاڪ جا بندا ۽ ٻانها، پر شان ته ڏسو! مقام ته ڏسو! مانُ ۽ مرتبو ته ڏسو! جو الله پاڪ سان ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن.

اللہ کی رحمت سے سرور جا پہنچے دنا کی منزل پر          اللہ کا جلوہ بھی دیکھا، دیدار کی لذّت پاتے ہیں

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

قرآن ڪريم ۾ ديدارِ الٰهي جو بيان

پيارا اسلامي ڀائرو! محبوبِ ذيشان الله پاڪ جي حضور خلوتِ خاص (يعني خاص تنهائي) ۾ ڪيئن پهتا، اُتي ڇا ڇا ٿيو، قرآن ڪريم ۾ ان کي نهايت خوبصورتي سان بيان ڪيو ويو آهي، اچو ته ٻڌون ٿا : 

فَاسْتَوٰىۙ(۶) وَ هُوَ بِالْاُفُقِ الْاَعْلٰىؕ(۷) (پارہ:27، سورۂ نجم:6-7)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ ان ارادو ڪيو هن حال ۾ ته اهو آسمان جي سڀ کان بلند ڪناري تي هو.

يعني معراج جي رات جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمآسمان جي بلند ڪنارن کان به مٿي پهتا ته الله پاڪ جي تجلي انهن ڏانهن متوجهه ٿي پئي. ([1])

پوءِ ڇا ٿيو؟

ثُمَّ دَنَا فَتَدَلّٰىۙ(۸)     (پارہ:27، سورۂ نجم:8)

ترجمو ڪنزالعرفان : پوءِ اهو جلوو ويجهو ٿيو پوءِ اڃان وڌيڪ ويجهو ٿي ويو.

يعني حضور مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمنورِ الٰهي جي ويجهو ٿيا ۽ جلوهءِ نورِ الٰهي پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي ويجهو ٿي ويو. ([2])


 

 



[1]... صراط الجنان، تحت الآیۃ ۔

[2]... نور العرفان ۔