Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

نماز توهان جو معراج آهي، ته جيڪا گفتگو آئون معراج ۾ ربِّ ڪريم سان ڪري آيو آهيان، اوهان به نماز ۾ اها ئي گفتگو ڪيو.([1])  

معراج جي تحفي جو قدر ڪيو

پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا جو دستور آهي ته ماڻهو تحفي جو قدر ڪندا آهن،  خاص طور تي جڏهن تحفو ڪنهن وڏي شخصيت کان ملي ته ان کي سنڀالي رکيو ويندو آهي ۽ پنهنجي قسمت تي فخر ڪيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ، جيڪي ماڻهو تحفي جو قدر ناهن ڪندا يا تحفو ڏيڻ واري جو شڪريو ادا ناهن ڪندا ته اهڙن ماڻهن کي سماج ۾ سٺي نظر سان ناهي ڏٺو ويندو. مان جنهن تحفي ڏانهن اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو، اهو ڪنهن مخلوق جو نه، پر خالقِ ڪائنات الله پاڪ جو ڏنل آهي، جيڪو شبِ معراج پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي ذريعي مسلمانن کي عطا ڪيو ويو، ان تحفي کي ٻنهي جهانن جي سردار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمپنهنجي اکين جو ٺارُ قرار ڏنو آهي.

هاڻي اسان کي غور ڪرڻو آهي ته اسان ان معراج جي تحفي جو ڪيترو قدر ڪري رهيا آهيون. هاءِ افسوس! اڄڪلهه نماز جي ڪا به پرواهه ناهي ڪئي ويندي، مسلمانن جي اڪثريت نماز کان پري آهي ۽ جيڪي نماز پڙهن ٿا، انهن ۾ به ڪافي اهڙا آهن جيڪي ڪڏهن پڙهندا آهن ته ڪڏهن ناهن پڙهندا يا ٻه، ٽي يا چار پڙهندا آهن، پر پنج ئي نمازون پوريون ناهن پڙهندا، جيڪي پنج ئي نمازون پڙهندا آهن، انهن ۾ به ڪافي اهڙا آهن، جيڪي جماعت ڇڏي ڏيندا آهن ۽ مسجد ۾ باجماعت نماز ادا ناهن ڪندا. ڪاش! اسان کي هن معراج جي تحفي جو حقيقي قدر نصيب ٿي وڃي. 


 

 



[1]...مرآۃ المناجیح ،جلد:2،صفحہ:90۔