Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

ڪيئن هئا؟ جڏهن اسان هلڻ لڳون ته يادِ مصطفى دل ۾ اچڻ گهرجي. * محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمويهندا ڪيئن هئا؟ جڏهن اسان ويهڻ لڳون ته يادِ مصطفى دل ۾ اچي. * محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمبستري تي آرام ڪيئن فرمائيندا هئا؟ جڏهن اسان سمهڻ لڳون ته اسان کي يادِ مصطفى اچڻ گهرجي. اهڙي طرح اسان جيئن جيئن سنتون سکنداسين، انهن تي بار بار عمل ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  يادِ مصطفى دل ۾ موجود رهندي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عشقِ رسول وڌندو رهندو.

اب طرزِ زندگی تو ذرا سا بدل کے دیکھ       تُو سنتِ رسول کے سانچے میں ڈھل کے دیکھ

نقش قدم نبی کے ہیں جنت کے راستے              اللہ سے ملاتے ہیں سنت کے راستے

معیار خوبصورتی و خوب سیرتی                     پنہاں حدیث میں ہے عَلَیْکُمْ بِسُنَّتِی

قافلن ۾ سفر ڪندا ڪريو !

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان اِهي سڀ سنتون سکنداسين ڪيئن ؟ اڄ جي دور ۾ انهن سنتن تي عمل ڪنداسين ڪيئن؟ تمام آسان جواب آهي، عاشقانِ رسول سان گڏ قافلن ۾ سفر ڪرڻ جي عادت بڻائي ڇڏيو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي تحت 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، 1 مهينو ۽ 12 مهينن جا قافلا سفر ڪندا رهندا آهن، توهان به هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سفر ڪرڻ کي پنهنجو معمول بڻائي  ڇڏيو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! قافلن جي برڪت سان اڪثر وقت مسجد ۾ گذارڻ نصيب ٿيندو آهي * پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت پڙهڻ آسان ٿي وينديون آهن * علمِ دين سکڻ ۽ سيکارڻ جون برڪتون ملنديون آهن * ڪيتريون ئي سنتون سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي * اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! قافلي جي برڪت سان ڪردار سُٿرو ٿيندو آهي، اخلاق