Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

تنهائي محسوس ٿي، ان وقت مون کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي آواز مبارڪ سان ملندڙ جلندڙ لڳي رهيو هو. ([1]) 

چيو ويو:  قِفْ يَا مُحَمَّد! إِنَّ رَبَّكَ يُصَلِّيْ يعني: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! انتظار فرمايو! توهان جو ربّ صلوٰة فرمائي ٿو. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمدل ئي دل ۾ سوچيو: أَرَبِّي يُصَلِّيْ ؟ ڇا منهنجو ربّ صلوٰة فرمائي ٿو؟ فرمايو ويو:  اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اهو الله پاڪ آهي جيڪو پاڻ به ۽ سندس ملائڪ به توهان تي درود موڪليندا آهن. ([2])

سُبْحٰنَ الله!  ڇا شان آهي اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو...!! پاڻ اهي ذيشان آهن جو سندن ربِّ ڪريم، سڀني جهانن جو خالق ۽ مالڪ، انهن تي درود موڪليندو آهي ته پوءِ اسان غلامانِ مصطفيٰ ڇو نه  درود  موڪليون؟ اسان کي به ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهڻ گهرجي!  

نبی کی شان میں ہو جس قدر درود پڑھو                 محبو! پاؤ گے جنت میں گھر درود پڑھو

خدا تو بھیجے ہے صَلُّو و سَلِّمُو کا خطاب                   تم ایسے بیٹھے ہو کیوں بے خبردرود پڑھو

فرشتے جاتے ہیں لے کر درود حضرت کو               اُدھر پہنچتا ہے جو تم اِدھر درود پڑھو

رسولِ پاک کے حق میں تو یہ بھی تھوڑا ہے             جو اُن کے نام پہ آٹھوں  پَہر  درود پڑھو([3])

حضرت صديق اڪبر جو شان

پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّموڌيڪ فرمائن ٿا: جڏهن بارگاهِه الٰهي ۾ حاضري ٿي، مون عرض ڪيو : اي مالڪِ ڪريم! مان ابوبڪر جي آواز جهڙو آواز ٻڌو، ڇا هو مون کان اڳ هتي پهچي ويا آهن؟ الله پاڪ فرمايو :  توهان جي


 

 



[1]... مواہب اللدنیہ مع شرح زرقانی، ج:8، ص:195۔

[2]... اَلْیوَاقِیْتُ وَ الْجَواہِر،جزء:2،المبحث الرابع والثلاثون فی بیان صحۃ...الخ، صفحہ:276 بتغیر قلیل۔

[3]... نورِ ایمان، صفحہ:56، 57 ملتقطاً۔