Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

جي نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمماھ رجب شريف ۾ هي دعا پڙهندا هئا:

اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان

ترجمو: اي الله پاڪ! اسان لاءِ رجب ۽ شعبان ۾ برڪت عطا فرماءِ، ۽ اسان کي رمضان المبارڪ تائين پهچاءِ۔[1]

اچو! اسان به هي دُعا پڙهي وٺون ٿا:

اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پاڻي پيئڻ جون سنتون ۽ آداب

          فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: اُٺَ وانگر هڪ ئي ساهيءَ ۾ نه پيئو، بلڪ ٻه يا ٽي ڀيرا (ساهه کڻي) پيئو ۽ پيئڻ کان پهريان بِسْمِ الله پڙهو ۽ پيئڻ کان پوءِ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پڙهندا  ڪيو! ([2])

اي عاشقانِ رسول! پاڻي هجي يا ٻي ڪا پيئڻ واري شيءِ  * پيئڻ کان اڳ ۾  بِسْمِ الله پڙهو * چُوسي چُوسي ننڍا ننڍا ڍُڪ ڀري پيئو، وڏا وڏا ڍُڪ ڀري پيئڻ  سان جيري  (Liver)  جي بيماري ٿيندي آهي * پاڻي ٽن ساهِين ۾ ويهي ۽ ساڄي هٿ سان پيئو * جيڪڏهن ڪؤنري  وغيرهه سان وضو ڪيو آهي ته ان جو بچيل پاڻي پيئڻ 70 بيمارين کان شفا جو ذريعو آهي، ڇو ته اهو آبِ زم زم سان مشابهت رکي ٿو هنن ٻن (يعني وضو جو بچيل پاڻي ۽ زم زم شريف) کان سواءِ ڪو به ٻيو پاڻي بيهي پيئڻ مڪروهه آهي هي ٻئي پاڻي قبلي طرف مُنهن ڪر


 

 



[1] مُسْنَدِ بَزّار، جلد:13، صفحہ:117، حدیث:6496۔

[2]...ترمذی، کتاب الاشربۃ، صفحہ:464، حدیث:1885۔