Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

ہے عَبْد کہاں مَعْبُود کہاں مِعْرَاج کی شب ہے راز نِہاں

دو نُور حجابِ نُور میں تھے خود ربّ نے کہا سُبْحٰنَ اللہ!

سمجھے حامِدؔ اِنسان ہی کیا یہ راز ہیں حُسن و اُلْفَت کے

خالِق کا حَبِیْبِی کہنا تھا خَلقت نے کہا سُبْحٰنَ اللہ! [1]

 معراج جو ذڪر ٻڌي عاشقن جا چهرا ٻَهڪڻ لڳندا آهن، خوشي ٿيندي آهي ته اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمڪيڏي نه نرالي شان وارا آهن جو الله پاڪ حضرت جبرائيلِ اَمين عَلَيْهِ السَّلَام کي موڪلي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي پاڻ گهرائي، * انبياء جي امامت جو شرف به بخشيو *  آسمانن جو سير به ڪرايو * جنت جا مشاهدا به ڪرايا * سڀني کان وڌيڪ ته ربِّ ڪائنات پنهنجي پياري کي پنهنجو جلوو به ڏيکاريو * ۽ قربِ خاص ۾ گهرائي بغير پردي جي همڪلامي جو شرف به عطا فرمايو.

یہ حکم مِلا رُوحِ امیں کو شبِ معراج                 جبریل ابھی لا مرے پیارے کو بلا کر

سِدْرہ پہ تھکے بازوئے جبریل تو آگے             رَفْرَفْ نے انہیں چھوڑ دیا عرش پہ لا کر

پِھر عرش سے پار اپنے قریں ان کو بُلایا             سب کچھ دیا مَحْبُوب کو دِیدار دکھا کر

ڪٿي تقاضا وِصال جا هئا...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو ته؛ هي ڪيڏو نه نرالو شان آهي.
* زمين ۽ آسمان ۾ ڌُوم مَتَل آهي* جنت سينگاري پئي وڃي * مسجدِ اقصى ۾ انبياءِ ڪرام عَلَيْهِمُ السَّلَام کي گڏ ڪيو پيو وڃي* آسمانن تي گَهما گهمي


 

 



[1]...بیاض پاک، صفحہ:33۔