Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

راز   ۽  نياز جون ڳالهيون

پيارا اسلامي ڀائرو! محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمالله پاڪ جي بارگاهه ۾ پهتا، جاڳندي،  کُليل اکين سان الله پاڪ جي ديدار جو شرف حاصل ڪيائون، اُتي ان خاص تنهائيءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون راز ۽ نياز جون ڳالهيون ٿيون، الله پاڪ فرمائي ٿو :

فَاَوْحٰۤى اِلٰى عَبْدِهٖ مَاۤ اَوْحٰىؕ(۱۰) (پارہ:27،سورۂ نجم:10)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ ان پنهنجي ٻانهي کي وحي فرمائي جيڪا ان وحي فرمائي.

قَصْرِ دَنیٰ کے راز میں، عقلیں تَو گم ہیں جیسی ہیں

رُوْحِ   قُدُس     سے     پوچھئے!  تم       نے       بھی      کچھ      سُنا      کہ    یُوں ([1])

وضاحت:  مقامِ دنيٰ (يعني ان قرب خاص ۾)  ڪهڙيون ڪهڙيون راز جون ڳالهيون ٿيون، ڪهڙا ڪهڙا علم محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي عطا ڪيا ويا، اِن جي باري ۾ عقل ڪم ئي نه ٿو ڪري، سمجهه ۾ ئي ڪجهه نه ٿو اچي، ڀلا جبرائيل عَلَیْہ ِالسَّلَام کان معلوم ڪري وٺون ٿا! اي ملائڪن جا سردار! اي وحي جا اَمين، حضرت جبرائيل عَلَیْہ ِالسَّلَام ڇا توهان ٻڌو ته اُتي ڪهڙيون ڪهڙيون راز جون ڳالهيون ٿيون هيون......؟

علمِ مصطفيٰ جي وُسعت (ڦهلاءُ)

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ شبِ معراج پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي ڪيترو علم عطا فرمايو؟ ان جي باري ۾ ڪا خبر ته ناهي البته ڪجھ روايتن


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:93۔