Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز                 ہے مریضوں کو پیغامِ صِحَّت نَماز

نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ              رب سے دلوائے گی تم کو جنَّت نَماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ          قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز

بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے                      آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

نماز ۽ معراج جي ياد

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز معراج جو تحفو به آهي، مؤمن لاءِ معراج به آهي ۽ هن پياري عبادت، يعني نماز ۾ معراجِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي ياد به رکي وئي آهي. جي ها! علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: معراج جي رات اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجڏهن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا ته عرض ڪيائون: اَلتَّحِیَّاتُ لِلّٰہِ وَالصَّلَوٰتُ وَالطَّیِّبَاتُ (يعني سموريون قولي ۽ فعلي عبادتون الله پاڪ جي لاءِ ئي آهن) الله پاڪ ان جي جواب ۾ فرمايو : اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ اَیُّھَا النَّبِیُّ وَ رَحْمَۃُ اﷲ ِوَبَرَکَاتُہٗ (سلام هجي اوهان تي اي نبي ۽ الله پاڪ جون رحمتون ۽ برڪتون) ان تي رسولِ رحمت شفيعِ اُمت صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم  ٻيهر عرض ڪيو : اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلیٰ عِبَادِ اﷲ  ِالصَّالِحِیْنَ (سلام هجي اسان تي ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن تي). ([1])

  جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّممعراج کان واپس تشريف فرما ٿيا، ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّماُمّت کي التَّحِيَّات جي تعليم ڏني ۽ ان ۾ اهي ئي مبارڪ ڪلما سيکاريا، ڄڻ ته پاڻ  ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو: اي مومنو!


 

 



[1]...مرآۃ المناجیح ،جلد:2،صفحہ:88۔