Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

مُستويٰ تي، مقامِ مُستويٰ تي نه، عرشِ عُليٰ تي ۽ عرشِ عليٰ تي ئي نه، لامڪان تائين جيڏانهن به نظر ڪيو! هر طرف منهنجي سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو ئي چرچو آهي.

فرش پہ تازہ چھیڑ چھاڑ،

عرش پہ طرفہ دُھوم دھام    کان جدھر لگائیے!

تیری ہی داستان ہے

شبِ معراج دِيدارِ اِلٰهي

پيارا اسلامي ڀائرو! سفرِ معراج ڪيترن ئي حيران ڪندڙ واقعن جو مجموعو آهي* هن سفر ۾ رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمانبياءِ ڪرام عَلَيْهِمُ السَّلَام جي امامت به فرمائي* آسمانن جو سير به فرمايو * جنت کي ديدار جو شرف به بخشيو * دوزخ ۽ دوزخين جا عذاب به ڏٺا، اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي واقعا آهن، جيڪي معراج جي رات پيش آيا. البته هن مبارڪ سفر جو جيڪو سڀني کان اهم ترين مرحلو آهي، جنهن جي لاءِ اصل ۾ هي سفر ٿيو، اهو محبوبِ خدا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضري آهي. ربِّ ڪريم ان رات پنهنجي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي قربِ خاص ۾ گهرايو ۽ بنا حجاب جي (يعني بغير ڪنهن پردي جي) سجاڳي جي حالت ۾ ظاهري اکين سان پنهنجو ديدار ڪرايو

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   ڇا خوب فرمائن ٿا

بندہ ملنے کو قریبِ حضرتِ قادِر گیا                لمعۂ باطِن میں گمنے جلوۂ ظاہِر گیا

اللہ! اللہ! یہ عُلُوِّ خاص عبدیت رضا               بندہ ملنے کو قریبِ حضرتِ قادِر گیا

وضاحت : لمعه : يعني نور. باطن : يعني لڪيل. نورِ الٰهي نورِ باطن آهي، لڪيل آهي، هر ڪا اک ان جو نظارو نه ٿي ڪري سگهي، جڏهن ته نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجنهن کي الله پاڪ پنهنجي نور مان ئي بڻايو آهي، اهو نور ظاهر آهي، صحابه ڪرام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُم  سندن زيارت جو شرف حاصل ڪندا هئا. شعر جو