Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi
يعني اي موسى! توهان نورِ الٰهي جي تجلي ڏسي نه سگهندﺆ، ڇوته نورِ الٰهي کي ڏسڻ لاءِ نگاهِه مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمدرڪار آهي ۽ ان تجلي کي برداشت ڪرڻ لاءِ قلبِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي ضرورت آهي.
اللهُ اکبر! هي شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو، ته جيڪا نعمت حضرت موسى عَلَيْهِ السَّلَام کي گهرڻ باوجود به نه مِلي، اُها نعمت حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي بغير گھرڻ جي، بستري تان اٿاري، خلوتِ خاص ۾ گهرائي عطا ڪئي وئي.
کیا بَنَا نامِ خُدا اَسْرا کا دولہا نُور کا سَر پہ سہرا نُور کا، بَر میں شہانہ نُور کا
بَزْمِ وحدت میں مزا ہو گا دوبالا نُور کا ملنے شَمْعِ طُور سے جاتا ہے اِکّا نُور کا
وضاحت: اللهُ اکبر! الله پاڪ جي ملاقات لاءِ معراج جي رات نوراني گهوٽ ڇا ته خوب سجيو سنوريو آهي، جو مٿي مبارڪ تي نوراني سَهرو (موڙَ) آهي، جسمِ اقدس تي نوراني لباس پهريل آهي. هن وحدت جي محفل ۾ لطف ان وقت عروج تي هوندو جڏهن نورِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمنورِ الٰهي سان مليو هوندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هي اعليٰ شان اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو ئي آهي. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي هن شان سان معراج عطا ٿيو، اها اسان غلامن لاءِ به فخر جي ڳالهه آهي. اعلى حضرت رَحْمَۃُ اللهِ عَلَيْه ڪيڏي نه پياري ڳالهه لکن ٿا:
کیسے آقاؤں کا بندہ ہوں رضا بول بالے مری سرکاروں کے
وضاحت: يعني اي رضا! الله پاڪ جي فضل سان ڪيتري نه بلند رتبي واري آقا جي غلامي نصيب ٿي آهي جو صرف زمين تي نه، آسمانن تي، صرف آسمانن تي نه، سِدْرَۃ ُالْمُنْتَہیٰ تي، سِدْرَۃ ُالْمُنْتَہیٰ تي نه، مقامِ