Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

قضا نمازن جو   طريقو، رسالي جو  تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! خدانخواسته جيڪڏهن ڪنهن جون نمازون قضا ٿي ويون آهن ته جلد کان جلد انهن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيو. قضا نمازون ادا ڪرڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟ قضا نمازن جا شرعي احڪام ۽ مسئلا ڪهڙا آهن؟ ان حوالي سان اميرِ اهلِ سنت مولانا الياس عطّار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ جو هڪ انتهائي مفيد (Useful) رسالو آهي  قضا نمازن جو طريقو. هن رسالي ۾ قضا نمازون پڙهڻ جي طريقي سان گڏوگڏ قضا نماز ڪهڙي وقت ادا ڪئي وڃي؟  قضا عُمري ڇا آهي؟ ۽ قضا نماز سان لاڳاپيل مفيد ڄاڻ شامل آهي. اڄ ئي مکتبۃُ المدينه تان هي رسالو حاصل ڪيو ۽ ان جو مطالعو ڪيو! الله پاڪ اسان کي دين جو علم سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

خواب ۾ الله جو ديدار ڪرڻ جو  وظيفو

          پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته الله پاڪ معراج جي رات پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي پنهنجي ديدار جو شرف عطا فرمايو ۽ صرف هڪ دفعو نه بلڪه رسولِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمهڪ کان وڌيڪ ڀيرا ديدارِ الٰهي جو شرف حاصل ڪيو. هتي اها ڳالهه ذهن نشين رکڻ گهرجي ته دنيا ۾ سجاڳيءَ جي حالت ۾ ظاهري اکين سان الله پاڪ کي ڏسڻ صرف ۽ صرف اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو ئي خصوصي شان آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکان سواءِ دنيا ۾ ڪنهن کي به سجاڳي جي حالت ۾ الله جو ديدار نٿو ٿي سگهي. البته دنيا ۾ خواب جي حالت ۾ الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيڻ ممڪن آهي ۽ ڪيترن ئي علماءِ ڪرام کي اهو شرف نصيب ٿيو آهي، جهڙوڪ اسان جي امام، امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ