Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

شبِ معراج عذاب ڏٺائون

روايتن ۾ آهي: معراج جا گهوٽ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّممعراج جي رات اهڙن ماڻهن وٽ تشريف فرما ٿيا جن جا مٿا پٿرن سان چِٿِيا پئي ويا جڏهن به انهن کي چِٿيو پئي ويو ته اهي ٻيهر پهريان وانگر صحيح پئي ٿيندا ويا ۽ اهو سلسلو اهڙي طرح جاري هو ته حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمپڇيو: اي جبرائيل! هي ڪير آهن؟ جبرائيل عَرض ڪيو: هِي اُهي ماڻهو آهن، جيڪي نماز کي بارُ سمجهندا هئا (يعني فرض نماز ڇڏي ڏيندا هئا). ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن مٿي ۾ ڪو معمولي ئي ڌَڪُ لڳي وڃي ته انسان تڙپي  پوندو آهي ته پوءِ مَعَاذَ الله! جيڪڏهن نمازون قضا ڪرڻ جي صورت ۾ ملائڪن ان جي نازڪ مٿي کي پٿرن سان چِٿڻ شروع ڪيو ته ان جو ڇا ٿيندو؟ ڪاش! ڪاش! ڪاش!  سڀ مسلمان پَڪا نمازي بڻجي وڃن.

ہو گی دنیا خراب، آخرت بھی خراب      بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

بےنمازی جہنّم کا حقدار ہے                     بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

قبر میں سانپ بچھو لپٹ جائیں گے                بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

سہہ سکو گے نہ دوزخ کا ہرگز عذاب              بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

دیکھو! اللہ ناراض ہو جائے گا                    بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

الله پاڪ اسان کي پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت تڪبيرِ اُوليٰ سان پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.


 

 



[1]...مسند بزار ،جلد:17،صفحہ:5،حدیث:9518 ۔