Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

Book Name:Shab e Meraj Aur Deedar e Ilahi

يعني سرڪارِ دو عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجيڪو ڏٺو، سندن دِل مبارڪ به ان جي تصديق ڪئي، مطلب هي آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمپنهنجي رَبِّ ڪريم کي ظاهري اکين سان ڏٺو، دِل سان سڃاتو ۽ ان سڃاڻڻ ۾ کين بلڪل به شڪ نه ٿيو.([1])

اَفَتُمٰرُوْنَهٗ عَلٰى مَا یَرٰى(۱۲) وَ لَقَدْ رَاٰهُ نَزْلَةً اُخْرٰىۙ(۱۳)(پارہ:27، سورنجم:11)

ترجموڪنزالعرفان: ته پوءِ ڇا توهان ان سان ان جي ڏٺل تي جڳهڙو ڪيو ٿا ۽ ان ته اهو جلوو ٻه ڀيرا ڏٺو.

يعني رسولِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّماهو جلوو صرف هڪ دفعو نه بلڪه بار بار ڏٺو. ([2])

یہ عِزّ و  جلال اللہ! اللہ!، یہ اَوْج وکمال  اللہ! اللہ!

یہ حُسْن وجمال اللہ! اللہ!معراج کو دولہا جاتے ہیں

اللہ کی رحمت سے سرور جا پہنچے دَنا کی منزل پر

اللہ کا جلوہ بھی دیکھا ، دیدار کی لذّت پاتے ہیں

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ديدارِ الٰهي جي باري ۾ احاديثِ ڪريمه

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّممعراج واري رات سجاڳي جي حالت ۾، پنهنجي مٿي جي اکين سان پوري هوش ۽ حواس ۾ پنهنجي رَبِّ ڪريم جو ديدار ڪيو ۽ اهڙي شان سان ڪيو جو :


 

 



[1]...صراط الجنان، پارہ:27، سورۂ نجم، زیر آیت:11،  جلد:9، صفحہ:553۔

[2]...صراط الجنان، پارہ:27، سورۂ نجم، زیر آیت:12-13، جلد:9، صفحہ:555۔